سنڌو تي پاڻي چوري روڪڻ لاءِ ٽيلي ميٽري سسٽم رٿا جي جلد منظوري جو مطالبو

ڪراچي( رپورٽ: عرفان بلوچ) انڊس بيسن ايريگيشن سسٽم جي 27 اهم هنڌن تي پاڻي جي خارج ٿيڻ جي وقت سر نگراني لاءِ ٽيلي ميٽري سسٽم لڳائڻ جا تفصيل جاري ڪيا ويا آهن.  واپڊا سنڌ حڪومت کي ڪوٽڙي بئراج تي تجويز ڪيل ڪيبل ٽري لي آئوٽ ۽ انتظامن بابت آگاهي ڏني آهي. ڪوٽڙي بئراج سائيٽ تي تجويز ڪيل ڪيبل ٽري لي آئوٽ ۽ انتظامن جي سيڪشنل تفصيل واپڊا آفيس کان 05 سيپٽمبر 2025 تي هڪ خط ذريعي شيئر ڪيا ويا هئا، خط ۾ چيو ويو آهي ته اهو لي آئوٽ منصوبي جي اي پي سي ٺيڪيدار پاران تيار ڪيو ويو آهي. ڊيزائن کي خاص طور تي ڪيبل ٽري ۽ سپر اسٽرڪچر تي لاڳاپيل حصن سان مطابقت رکڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي. مستقبل جي آپريشن ۽ سار سنڀال جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ تجويز ڪيل انتظام بئراج جي سپر اسٽرڪچر جي بناوٽ جي سلامتي لاءِ ڪو به خدشو پيدا نٿو ڪري. مٿي ڏنل تفصيلن کي نظر ۾ رکندي درخواست ڪئي وئي آهي ته تجويز ڪيل لي آئوٽ پلان جو جائزو ورتو وڃي ۽ انسٽاليشن جي ڪم جي شروعات لاءِ منظوري ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.