اڳوڻو ڊي جي آءِ ايس آءِ مريم نواز کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ سرگرم هو؟

اسلام آباد (اسد طور) نديم افضل چن هڪ انٽرويو ۾ اهم انڪشاف ڪندي چيو آهي ته جيڪي ماڻهو مريم نواز کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ سرگرم هئا، اهي هاڻي رٽائر ٿي ويا آهن. سندس اشارو اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفتيننٽ جنرل رٽائرڊ نديم احمد انجم ڏانهن هو. نديم احمد انجم نواز شريف جي گهراڻي ۾ فرد جي حيثيت اختيار ڪري چڪو هو. نواز شريف جي پوٽي جي شادي ۾ هو گهراڻي جي ٽيبل تي ويٺو هو ۽ مريم نواز جو ڀاءُ بڻيل نظر آيو. نديم احمد انجم ن ليگ ۽ جنرل قمر جاويد باجوا جي وچ ۾ ٿيل ڊيل ۾ پڻ ڪردار ادا ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.