ايئرپورٽ خودڪش حملو ڪيس، روپوش جوابدارن جي گرفتاري بابت جاچ آفيسر کي مهلت

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙعدالت ۾ ائيرپورٽ خودڪش حملي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جيل عملدارن جوابدار جاويد ۽ گل نساءِ کي عدالت ۾ پيش ڪيو ، وڪيل جوابدارن  جي 161جي بيان جي ڪاپي ڏيڻ جي درخواست ڪئي ، عدالت جاچ آفيسر کي جوابدارن جي بيان جي ڪاپي وڪيل صفائي کي ڏيڻ جي هدايت ڪئي، جاچ آفيسر روپوش جوابدارن خلاف وارنٽ جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪرڻ جي مهلت طلب ڪئي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وارنٽ جي حوالي سان رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو،

عدالت درخواست تي پراسيڪيويشن ۽ جاچ آفيسر  کان جواب طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي  8 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.

  1. پيٽرول،گئس،ڪوئلو سنڌ جو آهي:جاويد ناياب لغاري

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پ پ اڳواڻ جاويد ناياب لغاري چيو آهي ته ”اسان جو پاڻي اسان جي مرضي“هي وڏي صوبي جي هڪ وزيراعليٰ جو بيان آهي،هاڻي جيڪڏهن سنڌ وارا چون ته اسان جو پيٽرول، اسان جي گئس، اسان جو ڪوئلو اسان جي مرضي،خيبر پختونخواهه وارا چون ته اسان جي بجلي اسان جي مرضي،بلوچستان وارا چون ته اسان جون معدنيات اسان جي مرضي،ته پوءِ سوال ٿو پيدا ٿئي ته ميڊم ڪنهن جي اشارن تي اهو سڀ ڪجهه پئي چوي؟ هن چيو ته ڇا هي ڪنهن سازش جو حصو آهي؟

  1. سنڌ سميت ملڪ ۾ برساتن جي نئين سلسلي جي اڳڪٿي

اسلام آباد (بيورو) موسميات کاتي ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن، کنوڻ ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ ڪجهه هنڌن تي ڳڙو پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي. موسميات کاتي موجب پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ 3 کان 6 آڪٽوبر تائين برسات سان گڏ ڪجهه هنڌن تي ڳڙو به پئجي سگهي ٿو.

خيبر پختونخواهه جي ڪيترن ئي ضلعن ۾اڄ کان 7 آڪٽوبر دوران برسات جو امڪان آهي، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ 2 ۽ 3 آڪٽوبر تي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته 4 کان 7 آڪٽوبر دوران ڪشمير جي مٿانهن هنڌن تي برفباري به ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ برسات جو سلسلو اڄ کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، جيڪو 3 آڪٽوبر تائين جاري رهي سگهي ٿو، اهڙي ريت بلوچستان ۾ 4 کان 6 آڪٽوبر دوران تيز هوائن ۽ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته مسلسل برسات جي صورت ۾ هيٺاهين وارن علائقن ۾ شهري ٻوڏ، جڏهن ته ندي نالن ۾ چاڙهه جو به خطرو موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.