بلوچستان ۾ فورسز جي آپريشن دوران 18 دهشتگرد مارجي ويا

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 18 دهشتگرد مارجي ويا، ڪوئيٽا جي ٻهراڙي واري علائقي غزا بند ۾ سيڪيورٽي فورسز جي گڏيل آپريشن دوران 10 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ضلعي شيراني ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 8 دهشتگرد مارجي ويا، فورسز غزا بند جي پهاڙي واري علائقي ۾ ڀارتي سرپرستي هيٺ دهشتگردن خلاف انٽيليجنس بنياد تي گڏيل آپريشن ڪيو، آپريشن دوران ٻنهي ڌرين ۾ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز ڀارتي سرپرستي هيٺ 10 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سيڪيورٽي فورسز جا ٻه اهلڪار زخمي به ٿيا، آپريشن دوران ماريل دهشتگردن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ آيو، پوليس موجب مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ سڌو ملوث هئا، ڪاررواين ۾ سڌو سنئون ملوث هئا، شيراني ۾ به سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بنياد تي ڪارروائي ڪئي، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران “فتنه الخوارج” سان تعلق رکندڙ 8 دهشتگرد مارجي ويا، ٻئي پاسي خضدار ۾ فورسز جي آپريشن دوران عورتن جا ڪپڙا ۽ برقعا پهريل چار دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، ڳجهي اطلاع تي فورسز ڪارروائي ڪندي عورتن جا ڪپڙا  ۽ برقعا پهريل چار دهشتگردن کي گرفتار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.