آمريڪا اڄ صدر ٽرمپ جي پاليسين سبب دنيا ۾ اڪيلو ٿيندو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته آمريڪي ٽيرف پاليسيون دوست ۽ خيرخواهه ملڪن کي نظر ۾ رکڻ بنا طئي ڪيون پيون وڃن. ٽرمپ ڀارت تي روس کان تيل خريدڻ جي حوالي سان نه رڳو ٽيرف وڌائي ڇڏيا آهن، پر 2018ع ۾ ڏنل چابهار پورٽ بابت پابندين جي رعايت به واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڀارت لاءِ چابهار جي اسٽريٽجڪ اهميت ان ڪري وڌيڪ آهي، جو اهو پاڪستان کي بائي پاس ڪندي افغانستان ۽ وچ ايشيا تائين واپار جو رستو مُهيا ڪري ٿو. ساڳي وقت اهو بندرگاهه ڀارت کي عربي سمنڊ ۾ چين جي وڌندڙ اثر رسوخ کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏئي ٿو، ڇو ته هي پورٽ گوادر کان صرف 140 ڪلوميٽر پري آهي.
ٽرمپ جي پاليسيءَ تحت ڀارت تي روس کان تيل خريدڻ جي سزا طور ڀاري تجارتي محصول لاڳو ٿيڻ بعد مودي وزيراعظم چونڊجڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو چين جو دورو ڪيو ۽ چين ۾ ٿيل ايس سي او ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. البت، اڃا اهو چوڻ وقت کان اڳ آهي ته موديءَ جو هي دورو واقعي پاليسي جي تبديليءَ جي علامت آهي يا رڳو واشنگٽن لاءِ هڪ انتباهه. ماهرن جو خيال آهي ته ڀارت لاءِ آمريڪي مارڪيٽ ۽ ٽيڪنالاجيءَ کان ڌار ٿيڻ سولو نه هوندو، ڇو ته ڀارتي برآمدات جو لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو حصو آمريڪا ڏانهن وڃي ٿو.
ڀارت سان گڏوگڏ آمريڪا پنهنجي ٻئي خيرخواهه ملڪ ڏکڻ ڪوريا تي به 25 سيڪڙو بدران 15 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو آهي، پر ان سان گڏ اها شرط وڌي وئي آهي ته ڪوريا آمريڪا ۾ 350 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو، جيڪا تيل، گئس ۽ جهاز سازيءَ جي شعبي ۾ ٿيندي. هن معاهدي باوجود ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت ان ڳالهه تي حيران آهي ته آمريڪي امیگریشن عملدارن رياست جارجيا ۾ هڪ وڏي هائيونڊي ايل جي پلانٽ تي ڇاپو هڻي ٽن سئو کان وڌيڪ ڪورين ورڪرن کي گرفتار ڪري ڇڏيو.
ڏکڻ ڪوريا وانگر جاپان به مجبور ٿي آمريڪا سان هڪ اهڙو معاهدو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بابت مبصرن جو خيال آهي ته جاپان پنهنجي مالي خودمختياري ٽرمپ حوالي ڪري ڇڏي آهي. معاهدي مطابق جاپان آمريڪا ۾ 550 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ڪندو، جيڪا گهڻو ڪري فوسل فيول جي صنعت ۾ ٿيندي. ان يادداشت ۾ لکي ڇڏيو ويو آهي ته جيڪڏهن جاپان معاهدي تي عمل نه ڪندو ته پوءِ ٽرمپ پنهنجي مرضيءَ مطابق وڌيڪ ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو حق رکندو.
يوروپ به جاپان ۽ ڪوريا وانگر تجارتي جنگ بدران ٽرمپ سان هڪ معاهدو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت ايندڙ ٽن سالن ۾ يورپ 750 بلين ڊالر جي قيمت جو خام تيل، گئس، ٻين پيٽروليم شين ۽ ايٽمي رياڪٽر لاءِ ايندھن آمريڪا کان خريد ڪندو. پر ڪيترن ئي يورپي ملڪن کي ان تي ڳڻتي آهي، ڇوتہ اهو معاهدو انهن جي فوسل فيول جي استعمال گهٽائڻ واري منصوبن سان سڌي ريت ٽڪراءُ ڪري ٿو. ياد رهي ته اڄ يورپ جي لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو بجلي هوا مان پيدا ٿئي ٿي ۽ 2050ع تائين ان کي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.
انهن معاهدن سان گڏ ٽرمپ يورپ تي اهو دٻاءُ وجهي رهيو آهي ته هو يوڪرين روس جنگ ۾ روس کان بچاءُ لاءِ پنهنجي گرين انرجِي منصوبن ۾ لڳندڙ 350 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري کي ٻي رخ ڏئي. يورپي ماهرن هن راءِ کي غير منطقي، خود غرضاڻو ۽ خطري ڀريو سڏيو آهي، ڇو ته ان سان نه رڳو عالمي ماحولياتي مقصدن کي نقصان پهچندو، پر اهو به ظاهر ٿيندو ته ٽرمپ لاءِ بين الاقوامي ذميواريون ۽ ماحولياتي گندلاڻ ڪا اهميت نٿيون رکن.
آمريڪا جا پراڻا دوست هاڻي آمريڪا بدران چين ۽ ٻين ملڪن سان لاڳاپا وڌائي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته هو هاڻي آمريڪا تي ڀروسو ڪرڻ کان ڊڄي رهيا آهن. جيتوڻيڪ سڀ سمجهن ٿا ته ٽرمپ جا مطالبا مڃڻ بيوقوفي آهي، پر چين کانسواءِ ٻين ملڪن وٽ اهڙو ڪو وڏو آپشن ناهي، تنهن ڪري هو مجبور ٿي آمريڪي شرطن تي هلن ٿا. ڀارت، جاپان، ڪوريا ۽ يورپ جيان آمريڪا چين تي به ڀاري ٽيرف لاڳو ڪيا، جنهن جي جواب ۾ چين ناياب معدنيات ۽ ميگنيٽس جي برآمدات فوري طور بند ڪري ڇڏي. اهي ميگنيٽس ڪار، ڊرونز، مشينون، روبوٽ ۽ ميزائل ٺاهڻ تائين استعمال ٿين ٿا. ساڳئي وقت چين آمريڪا کان سويا بين جي خريد به مڪمل بند ڪري ڇڏي. چين جي ان قدمن آمريڪا کي واضح پيغام ڏنو ته دٻاءُ وجھڻ لاءِ ان وٽ به ڪافي هٿيار آهن. اهي سڀ قدم اهو ظاهر ڪن ٿا ته ٽرمپ تجارتي محصول پنهنجي ايجنڊا حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، ڀلي ان سان آمريڪا جي ويجهن اتحادي ملڪن کي سفارتي، سياسي يا معاشي مسئلا ئي ڇو نه پيدا ٿين.