پشاور(م ڊ) اطلاعن موجب خيبرپختونخوا ڪابينا جي ٻن اهم وزيرن پنهنجي استعيفا وزيراعليٰ ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي، صوبي جي ابتدائي ۽ ثانوي تعليم واري وزير فيصل ترڪئي باقاعدي طور تي پنهنجو استعيفو وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور ڏانهن اماڻيو آهي۔ اهڙيءَ طرح صوبي جي آبپاشي واري وزير عاقب الله به لکت ۾ استعيفيٰ وزيراعليٰ ڏانهن اماڻيو۔ ذريعن موجب وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور ڪافي عرصي کان ٻنهي وزيرن کي عهدن تان هٽائڻ چاهي پيو۔ گذريل ڏينهن وزيراعليٰ جي پارٽي جي باني چيئرمين سان ملاقات ۾ انهن وزيرن جي مستقبل بابت تفصيلي ڳالهيون به ٿيون هيون۔
-
اوگرا ايل پي جي اگهه گهٽائي ڇڏيا، نوٽيفڪيشن جاري
اسلام آباد (بيورو) اوگرا طرفان ايل پي جي جي اگهن ۾ لاٿ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، نوٽيفڪيشن موجب، في ڪلو ايل پي جي جي قيمت ۾ 6 رپيا 71 پئسا گهٽتائي بعد 207 رپيا 48 پئسا مقرر ڪئي وئي، گھريلو سلينڊر جي اگهه ۾ به 79 رپيا 14 پئسا لاٿ ڪئي وئي، جڏهن ته آڪٽوبر لاءِ 11.8 ڪلو جي گھريلو سلينڊر جي نئين قيمت 2448 رپيا 33 پئسا مقرر ڪئي وئي، ايل پي جي جا نوان اگهه پهرين آڪٽوبر کان لاڳو هوندا.
-
غزا رٿا: ٽرمپ پاران حماس کي ٽن چئن ڏينهن جو الٽيميٽم
واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته حماس کي غزه ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ پيش ڪيل سندن 20 نڪتن واري منصوبي تي ردعمل ظاھر ڪرڻ لاءِ ٽن کان چار ڏينهن بچيا آهن.گذريل ڏينهن نيتن ياهو سان هڪ گڏيل نيوز ڪانفرنس ۾ ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن حماس هن معاهدي کي رد ڪري ته هو اسرائيل کي "جيڪو ڪجهه ڪرڻو پوندو اهو ڪرڻ” لاءِ پوري حمايت ڏيندا. صدر چيو ته جيڪڏهن حماس امن معاهدي کي نامنظور ڪري ته ان جو انجام نهايت افسوسناڪ ٿيندو.