ڪراچي (رپورٽر ) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ پي ايس ٽي/جي اي ايس ٽي اميدوارن ڪالهه ٻي ڏينهن به ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري پنهنجو احتجاج جاري رکيو، جنهن جي اڳواڻي خميس علي چنا ۽ عبدالغفار مغيري ڪري رهيا آهن هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت تعليم کاتي ۾ خالي پيل جاين تي پاس ٿيل اميدوارن کي ڀرتي ڪيو وڃي،هنن چيو ته هو ته مسلسل احتجاجي تحريڪ باوجود حڪومت نظر انداز ڪري رهي آهي، احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪراچي کان اسلام آباد پيادل مارچ ڪيو ويو ان باوجود سنڌ حڪومت نوجوانن کي ڪا موٽ نه ڏني،هنن وڌيڪ چيو ته ڪراچي پريس ڪلب سامهون به مسلسل ڏيڍ مهينو احتجاج ڪيو ويو پر حڪومت ڳالهين لاءِ ڪو به نمائندو نه موڪليوپر احتجاجي تحريڪ رهجي ويل اميدوارن کي آفر ليٽر ملڻ تائين جاري رهندي.