خضدار ۾ آپريشن، 7 دهشتگرد مارجي ويا، 10 زخمي

خضدار (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي خضدار جي علائقي زهري ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران فتنه الهندستان  سان لاڳاپيل 7 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 10 زخمي ٿيا، آپريشن ۾ هٿيارن سميت تيار ٿيل آءِ اي ڊيز، ٽرانسميٽرز، آمريڪي ساخته خودڪار هٿيار، گرنيڊ ۽ گوليون به هٿ ڪيون ويون، سيڪيورٽي ذريعن مطابق زهري جي ڀرپاسي جبلن ۾ دهشتگردن جي موجودگي ۽ چرپر بابت ڳجها اطلاع هئا، جيڪي مقامي ماڻهن کي هراسان ڪري رهيا هئا، ان بنياد تي آپريشن ۾ وڏي انگ ۾ گرائونڊ فورسز ۽ هيليڪاپٽر استعمال ڪيا ويا،آپريشن دوران بدوڪشت جي مرڪزي پل تي نصب وڏي آءِ اي ڊي کي به ناڪاره بڻايو ويو، سيڪيورٽي فورسز عزم ظاهر ڪيو آهي ته فتنه الهندستان جي خاتمي تائين ڪارروائي جاري رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.