اسلام آباد (بيورو) پاڪستان مقامي طور تي تيار ڪيل "فتح-4” گرائونڊ لانچڊ ڪروز ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، جيڪو 750 ڪلوميٽر تائين هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو،آءِ ايس پي آر موجب، ميزائل زمين سان گڏ اڏام ڪرڻ جي خاصيت سبب انتهائي درستگي سان هدف کي تباهه ڪرڻ جي قابليت رکي ٿو، جڏهن ته جديد اي ويونڪس ۽ نيويگيشنل سسٽم سان ليس هجڻ ڪري دشمن جي ميزائل دفاعي نظام کي به ناڪام بڻائي سگهي ٿو، هي تجربو آرمي راڪيٽ فورس ڪمانڊ جو حصو آهي، جنهن سان پاڪ فوج جي روايتي ميزائل سسٽمز جي رينج، مهارت ۽ بقا جي صلاحيت وڌيڪ بهتر ٿيندي، تجربي جو مشاهدو چيف آف جنرل اسٽاف، سينيئر آفيسرن، سائنسدانن ۽ انجينئرز ڪيو، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ سروسز چيفس ڪاميابي تي فوجي جوانن ۽ سائنسدانن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.