حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پنجاب جا حڪمران هميشه کان سنڌ کي پنهنجي فتح ڪيل ڪالوني سمجهن ٿا. ڏيڍ صدي کان وٺي سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙا هنيا ويا آهن، جيڪي اڄ به ساڳي شدت سان جاري آهن. اڳواڻن چيو آهي ته پنجاب جي حڪمرانن جي پاليسين جي نتيجي ۾ سنڌو درياهه، جيڪو سنڌ جي زرعي معيشت، ماحول ۽ زندگي جو بنياد آهي، ان کي مسلسل روڪڻ جا بندوبست ڪيا ويا آهن. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ساجد حسين مهيسر، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، لال جروار ۽ نور نبي پليجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته پنجاب ۾ چولستان ۽ ٻين ڪئنالن جو مقصد سنڌو درياهه جو پاڻي زبردستي چورائي ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ استعمال ڪرڻ آهي. اڳواڻن چيو ته چولستان جي 67 لک ايڪڙ زمين اهڙين ڪمپنين جي حوالي ڪئي وئي آهي، جتي سنڌو درياهه جي پاڻيءَ کي تجارتي بنيادن تي استعمال ڪيو ويندو، جڏهن ته سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي جائز پاڻيءَ کان محروم رکيو ويو آهي. اڳواڻن چيو ته وفاق ۾ حڪمران جماعت نواز ليگ سان گڏ بيٺل پيپلز پارٽي به هر سنڌ دشمن عمل ۾ پنجاب جي حڪمرانن سان گڏ آهي. تاريخ شاهد آهي ته پيپلز پارٽي هميشه سنڌ جي عوام سان دوکا ڪيا آهن.