2007 ع کان وڌيڪ حالتون سنگين آهن،26هين ترميم رد ڪرائينداسين:منير اي ملڪ

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز)سپريم ڪورٽ بار جي طرفان اڳوڻي صدر سپريم ڪورٽ بار منير اي ملڪ جي اعزاز ۾ هڪ خصوصي تقريب منعقد ٿي جنهن ۾ وڪيل برادري جي وڏي انگ شرڪت ڪئي۔ تقريب ۾ خطاب ڪندي منير اي ملڪ چيو ته 2007 جي مقابلي ۾ اڄ جون حالتون وڌيڪ سنگين آهن ۽ هڪ اهڙي گرفت ۽ انضمام جي ڪيفيت نظر اچي رهي آهي جنهن سان جمهوريت ۽ انصاف کي خطرا لاحق آهن۔ هي جدوجهد ڪنهن هڪ اڳواڻ جي نه پر سڀني جي گڏيل ڪوشش آهي ۽ اهو ئي جمهوريت جو حسن آهي۔26هين ترميم کي واپس ورتو وڃي،سپريم ڪورٽ بار جي چونڊن ۾ صدر لاءِ اميدوار ايڊووڪيٽ توفيق احمد چيو ته هي چونڊون گروپن جون نه پر سوچن جو مقابلو آهن، هڪ سوچ اها آهي جيڪا 26هين ترميم جي حمايت ڪري ٿي ۽ عدليه کي محڪوم بڻائي ٿي جڏهن⁠ ته  ٻي سوچ اها آهي جيڪا آئين جي بالادستي ۽ عدليه جي آزادي لاءِ آهي۔ هن چيو ته هو ۽ سندس پينل 26هين ترميم کي ختم ڪرڻ ۽ 27هين ترميم کي روڪڻ لاءِ پرعزم آهن۔ بار ايسوسيئيشن کي هر قسم جي سياسي ۽ غير لاڳاپيل اثر رسوخ کان آزاد ڪيو ويندو ۽ هي تحريڪ ججن کي بچائڻ جي نه پر آئين ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.