مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي موجودگي يقيني بڻائينداسين:وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي، ڪڻڪ جي فراهمي واري پاليسي بابت اجلاس دوران وزيراعليٰ چيو ته مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ هوندي ته اٽي ۽ ماني جون قيمتون مستحڪم رهنديون، سيد مراد علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ ۾ هن وقت 12 لک ٽن ڪڻڪ موجود آهي، جيڪا ساڍن چار مهينن لاءِ ڪافي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ان دوران نيون فصل اچي ويندو، جڏهن ته 25 ايڪڙ تائين جي زميندارن کي ڊي اي پي ۽ يوريا فراهم ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.