ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر جي ويجهو ٿيل ڌماڪي ۾ 10 ڄڻا شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، صوبائي وزيرِ صحت بخت ڪاڪڙ ٽراما سينٽر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڌماڪي ۾گهٽ ۾ گهٽ 10 ڄڻن جا لاش اسپتال پهچايا ويا، ڌماڪي ۾ 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جيڪي سول اسپتال ۽ ٽراما سينٽر ۾ علاج هيٺ آهن، جن مان پنجن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، صحت واري وزير موجب شهيد ۽ زخمين ۾ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار به شامل آهن، صوبائي وزير جو چوڻ هو ته حملي ۾ فورسز جي جوانن بهادريءَ سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو ۽ فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا، پوليس موجب حالي روڊ ويجهو پشين اسٽاپ تي ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي فورسز ۽ ريسڪيو اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جو چوڻ آهي ته اهڙين بزدلاڻين ڪارروائين سان قوم جو حوصلو ختم نه ٿو ڪري سگهجي، حڪومت عوام ۽ سيڪيورٽي فورسز جون قربانيون ضائع ٿيڻ نه ڏيندي، صوبائي صحت کاتي جي ترجمان موجب، ڪوئيٽا ڌماڪي کي نظر ۾ رکندي سول اسپتال، بي ايم اسي اسپتال ۽ ٽراما سينٽر ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، ترجمان جو چوڻ هو ته سمورن ڪنسلٽنٽس، ڊاڪٽرن، فارما سٽس، اسٽاف نرسز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف اسپتالن ۾ طلب ڪيو ويو، ٻئي پاسي حالي روڊ تي ڌماڪي جا سي سي ٽي وي فٽيجز به سامهون آيا، جنهن ۾ زوردار ڌماڪي کانپوءِ واقعي واري هنڌ باهه جا اُلا اٿندي ڏٺا ويا، واقعي واري هنڌ تي موجود گاڏين کي به نقصان پهتو، شهباز ٽائون جي رهواسي حميد خان ٻڌايو ته ڌماڪو ايترو شديد هو جو کين محسوس ٿيو ڄڻ ته اهو سندن گهر جي اندر ٿيو هجي، هن چيو ته ڌماڪي کانپوءِ فائرنگ جا آواز به ٻڌا ويا، جڏهن هو گهر کان ٻاهر نڪتو ته هن ڏٺو ته روڊ تي بيٺل هڪ گاڏي جا شيشا ٽٽل هئا، سندس چوڻ هو ته پڇا ڪرڻ تي گاڏي جي ڊرائيور ٻڌايو ته ڌماڪو هڪ سوزوڪي گاڏي ۾ ٿيو، ڌماڪو ايف سي هيڊڪوارٽر جي ويجهو ٿيو ۽ واقعي واري هنڌ جي ويجهو هئڻ سبب سندس گاڏي جا شيشا ٽٽي پيا. اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪو ايترو شديد هو جو ان جي شدت پشين اسٽاپ، ماڊل ٽائون، شهباز ٽائون ۽ ڀرپاسي وارن ٻين علائقن ۾ به محسوس ڪئي وئي، جڏهن ته ان جو آواز ڪوئيٽا ۾ پري پري تائين ٻڌو ويو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترين ئي گاڏين کي به نقصان پهتو.