ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي ليکڪن، دانشورن ۽ وڪيلن امان الله شيخ وڪيل، ابرار قاضي، جاويد قاضي آغا سعيد ۽ ٻين ڪالهه شام پاڪستان ڊيموڪريٽڪ فورم کي ملڪي سطح تي نئين سياسي جماعت ” ڊيموڪريٽڪ پارٽي پاڪستان ” ۾ تبديل ڪرڻ جو جو اعلان ڪندي چيو ته ان پارٽي جو هيڊ ڪوارٽر سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ شهر ۾ قائم ڪيو ويندو، عالمي ۽ ملڪي سطح جي سياسي، معاشي مسئلن ۽ جنگي صورتحال کي نظر ۾ رکندي هڪ نئين سياسي جماعت جو جڙڻ جي وڌيڪ ضرورت هئي. هنن چيو ته اها نئين سياسي جماعت ملڪي سطح تي وچولي طبقي جي تنظيم هوندي،جنهن جو مقصد سماج ۾ اعتدال پسند ترقي پسند سوچ کي لڳو ڪرڻ آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ملڪ تي غير آئيني حڪومت اقتدار تي قابض آهي، ڪورٽ انتظاميا جو حصو بڻجي وئي آهي، ملڪ جي ٻن صوبن ۾ بغاوت جهڙيون حالتون آهن، ان لاءِ ملڪ ۾ هڪ نئين سياسي پارٽي ۽ قيادت جي ضرورت آهي، ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اڳواڻن چيو ته سنڌ راجستان سرحد کولي وڃي، جيئن ٻنهي سرحدن ۾ رهندڙ سنڌين جي وچ م ڳانڍاپن کي مظبوط ڪري سگهجي ، هنن چيو ته پاڪستان ۾ پنج صوبا آهن، ڪشمير کي ڀارت سان حتمي حل تائين عبوري صوبو بڻايو وڃي، هنن چيو ته گلگت بلتستان کي وفاقي حڪومت تحت هلايو وڃي،