واشنگٽن/اسلام آباد(م ڊ)آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير حسين حقاني چيو آهي ته مسلم ملڪن جا سربراهه صدر ٽرمپ جي امن منصوبي جي تعريف ڪري انهن جي خوشنودي حاصل ڪري رهيا آهن، پر انهن جي بيانن ۾ امن جون جيڪي بنيادي شرطون شامل آهن اهي ٽرمپ جي پيش ڪيل 20 نڪاتي منصوبي ۾ نظر نٿيون اچن۔ هن جو چوڻ هو ته اصل امن لاءِ ضروري آهي ته اسرائيلي فوجون غزه مان مڪمل طور واپس وڃن، فلسطيني رياست قائم ٿئي ۽ القدس جو مسئلو حل ٿئيٻئي پاسي سينيئر صحافي نسيم زهره پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ٽرمپ پلان بظاهر فلسطيني عوام لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪي اسرائيلي قبضي هيٺ غزه ۾ بک ۽ موت جو شڪار آهن۔ پر هن منصوبي ۾ فلسطيني رياست جي قيام کي گڏيل قومن جي قراردادن بدران صدر ٽرمپ جي خواهشن سان مشروط ڪيو ويو آهي۔ ان ۾ فلسطيني عوام کي القدس، بالخصوص بيت المقدس، کان محروم ڪري ڇڏيو ويو آهي ۽ اسرائيلي غير قانوني آبادين جي مسئلي کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو آهي۔ نسيم زهره جي مطابق هي منصوبو دراصل اسرائيل کي هر ايندڙ قدم تي ويٽو جو اختيار ڏئي ٿو