اسلام آباد(بيورو)سينيٽ اجلاس دوران ن ليگ جي سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو ته وزيراعليٰ پنجاب اهڙو ڪو بيان ناهي ڏنو، پنجاب هميشه وڏو ڀاءُ بڻجي ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته ان جي جواب ۾ پنجاب کي هميشه گاريون ڏنيون ويون۔ هن چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعليٰ پنجاب جي جلسي ۾ ڪا به قابل اعتراض ڳالهه نه ڪئي وئي، جيڪڏهن پنجاب خلاف ڪو بيان اچي ٿو ته ان جو جواب ڏيڻ وزيراعليٰ جو حق آهي. رانا ثناء الله وڌيڪ وضاحت ڪئي ته سنڌ جي پاڻيءَ جي حصي تي پنجاب جي ڪا به مرضي ناهي، وزيراعليٰ جيڪو موقف پيش ڪيو اهو سي سي آءِ ۾ پڻ پيش ٿيو آهي، ۽ ان معاملي تي بحث ٿيڻ گهرجي.