لاهور( گوهر بٽ )پاڪستان جي سياست هن وقت ٻٽي آزمائش مان گذري رهي آهي، هڪ طرف مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ سخت بيانن حڪومتي اتحاد کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي ٻي طرف عالمي دٻاءُ ۽ سازشون ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن،هي صورتحال نه صرف حڪومت جي مستقبل تي سوال اٿاري ٿي پر قومي سلامتي لاءِ به پريشاني جو سبب آهي۔پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز حاليه جلسن ۽ بيانن ۾ جيڪو جارحاڻو لهجو استعمال ڪيو آهي، ان پيپلز پارٽي کي شديد ناراض ڪيو آهي۔ حڪومت جي اڪثريت مڪمل طور تي پيپلز پارٽي تي دارومدار رکي ٿي۔ اهڙي صورت ۾ نه صرف مرڪز پر پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ به سياسي عدم استحڪام پيدا ٿيندو جڏهن ته تحريڪ انصاف ان جو سڀ کان وڏو فائدو وٺندي، في الحال پيپلز پارٽي ايترو وڏو قدم نه کڻندي ڇو ته ٻئي جماعتون ڄاڻن ٿيون ته حڪومت جو خاتمو دراصل خودڪشي جي برابر هوندو۔پس پرده رابطا جاري آهن ۽ ٻئي جماعتن جا سينيئر اڳواڻ صورتحال کي ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن۔ پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت جنهن ۾ آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو شامل آهن، تاحال خاموش آهي ۽ دبئي ۾ پنهنجي مصروفيتن ۾ آهن.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 01 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو