پنجابي ڪارڊ کيڏڻ جي ڪوشش نه ڪريو: نديم افضل چن

اسلام آباد(م ڊ)قومي اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات نديم افضل چن چيو ته اسان جو خاندان 1926 کان پنجاب جي سياست جو حصو رهيو آهي ۽ پيپلز پارٽي جي بنياد به پنجاب ۾ وڌو ويو هو،، تنهن ڪري پنجابي ڪارڊ کيڏڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي۔ هن چيو ته مريم نواز اسان جي ڀيڻ آهي، جنهن کي اسان ووٽ ڏئي چونڊيو آهي، تنهن ڪري سياسي اختلافن کي لساني رنگ ڏيڻ درست ناهي۔ نديم افضل چن چيو ته پاڻي ۽ وسيلن تي سياست ڪرڻ مودي جي زبان ڳالهائڻ جي مترادف آهي، جڏهن⁠ته پاڪستان سڀني جو آهي ۽ ان جا وسيلا به سڀني جا آهن۔ هن چيو ته اصل خدمت اها آهي ته اسان سڀ گڏجي غربت جي خاتمي ۾ حصو وٺون ۽ هن وقت سڀ کان اهم ضرورت ٻوڏ متاثرن جي بحالي آهيهن چيو ته هن وقت نظام کي ڪمزور ڪرڻ بدران مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي پر ڪجهه حلقا شايد چاچي جي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.