اسلام آباد(بيورو)آمريڪا ڪوئيٽه ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر جي ويجهو ٿيل دهشتگردي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪيترائي قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا. آمريڪا متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا به ڪئي آهي،پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪرچيو آهي ته آمريڪا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي شانه بشانه بيٺو آهي ته جيئن عوام کي خوف ۽ تشدد کان آزاد، پرامن زندگي فراهم ڪري سگهجي۔ هن چيو ته آمريڪا بلوچستان ۽ سموري پاڪستان ۾ امن ۽ استحڪام قائم رکڻ لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي پوري حمايت ڪندو رهندو۔