فيلڊ مارشل جي ساراهه کي پنهنجي لاءِ اعزاز محسوس ڪيو:ٽرمپ پاران عاصم منير جي واکاڻ

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فوجي جنرلز سان خطاب ڪندي پاڪستان جي فیلڊ مارشل عاصم منير جي واکاڻ ڪئي ۽ کيس پاڪستان جي هڪ تمام اهم شخصيت قرار ڏنو.پينٽاگون ۾ جنرلن کي خطاب ڪندي ٽرمپ چيو ته مون ست جنگون ختم ڪرايون ۽ ڪالهه هڪ جنگ جو به تصفيه ڪرايو. هن چيو ته انهن جنگين ۾ سڀ کان وڏو خطرو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ممڪن ايٽمي جنگ هئي. ٽرمپ جو چوڻ هو ته مون واپار کي استعمال ڪري ٻنهي ملڪن کي جنگ کان روڪيو، پاڪستان ۽ ڀارت کي چيو ته جنگ بند ڪري تجارتي معاهدو ڪيو.ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي تڪرار دوران 7 جهاز به ڪيرايا ويا هئا. هن ٻڌايو ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان جو وزيراعظم ۽ فیلڊ مارشل عاصم منير هتي آيا هئا. فیلڊ مارشل چيو ته ٽرمپ جي ڪوششن سان جنگ نه ٿي، جنهن سان لکين انساني جانيون بچي ويون.آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته فیلڊ مارشل جا اهي جملا منهنجي لاءِ اعزاز آهن، مون کي سٺو لڳو ته پاڪستان جي اهم شخصيت منهنجي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي.ٽرمپ پنهنجي خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته آمريڪا آبدوزن جي ٽيڪنالاجيءَ ۾ روس ۽ چين کان 25 سال اڳتي آهي. ٽرمپ جنرلز کي مخاطب ڪندي چيو ته جيڪڏهن اوهان کي منهنجي ڳالهين سان اختلاف آهي ته اوهان پنهنجن عهدن ۽ مستقبل کي الوداع چئي هليو وڃو، ڇو ته مان اوهان سان گڏ بيٺل آهيان،هن چيو ته  جيڪڏهن ڪو فوجي آفيسر سندس سڌارن ۽ وژن جي مخالفت ڪري ٿو ته بهتر اهو آهي ته هو عزت سان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.