سنڌ ايمپلائيز الائنس 30 جون تي ڪراچي پريس ڪلب اڳيان پنهنجي احتجاج ۽ ڌرڻي جو اعلان ڪيو. شديد ۽ سخت گرمي جي باوجود ھن پر امن احتجاج ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا ھزارين ملازم پنهنجي قيادت جي حڪمن کي لبيڪ ڪندي شريڪ ٿيا. پر ان وقت صورتحال سنگيني اختيار ڪئي جڏهن اڳواڻن وزير اعلي ھائوس ڏانهن ھلڻ جو حڪم ڪيو، ھٿين خالي امن پسند ملازمن تي پر تشدد ڪارروايون عمل ۾ آڻيندي آنسو گئس جا گولا اڇلايا ويا، گندي بدبودار پاڻي جي ھٿرادو برسات وسائي وئي، ملازمن کي کنڀي گرفتار ڪري ٻغير سھولتن وارن ٿاڻن تي مجرم وانگر اڇليو ويو ۽ پاڻي کان به محروم رکيو ويو. چئن ڪلاڪ حراست ۾ رکڻ کان پوءِ انهن کي ڇڏيو ويو. الائنس جي قيادت ھڪ دفعو ٻيهر به وزير اعلي ھائوس ڏانهن وڌڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي چوطرف پوليس جي سخت ڪڙي باوجود رڪاوٽون ٽوڙيندا مسلسل اڳتي وڌندا رهيا پر پوليس جي وڏن اٽالن پھچڻ سبب پنهنجي منزل تي رسائي حاصل ڪري نه سگهيا ۽ قيادت جي صلاح مشوري کان پوءِ نئين حڪمت عملي جي روشني ۾ اھو طئه ٿيو ته ھاڻي پنھنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد ۾ 26 جولاءِ تي صدر جي سرڪاري گهر اڳيان ڌرڻي ھنيو ويندو.
اھڙي اعلان کان پوءِ اڳواڻن ملڪ جي گاديءَ واري هنڌ ڌرڻي جي ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. سنڌ ايمپلائيز الائنس جي قيادت اعلانيل ڌرڻي واري تاريخ کان ڪجھ ڏينھن اڳ اسلام آباد پهتي ۽ تيارين جو جائزو ورتو، ملازمن جي سلامتيءَ لاءِ اتان جي انتظاميا سان ملاقاتون ڪيون ته جيئن ڪو ناخوشگوار واقعو پيش نه اچي.ان سان گڏ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي اڳواڻن وفاقي ملازمن جي حقن لاءِ جدوجهد ۽ مزاحمت جي علامت بڻيل رحمان باجوا به ملاقات ڪئي ته جيئن صدر سان ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ ڪا ھاڪاري ۽ مثبت اڳڀرائي ٿي سگهي پر ڪن اڻٽر مجبورين ۽ سرڪاري سرگرمين سبب سي قيادت جي صدر سان ملاقات نه ٿي سگهي پر صدر جي ذاتي سيڪريٽري سلمان احمد سان ملاقات جو انتظام ٿيو، جنھن ۾ اڳواڻن دستاويزي ثبوتن سان ملازمن جو ڀرپور نموني ڪيس پيش ڪيو. ان موقعي تي صدر جي سيڪريٽري سنڌ ايمپلائيز الائنس جي وفد کي اھو چئي يقين ڏياريو ته اوھان جا مطالبا مناسب ۽ تحفظات جائز آهن جيڪي سنڌ سرڪار تائين پھچايا ويندا. صدر جي سيڪريٽري جي يقين ڏيارڻ تي ائين اسلام آباد واري ڌرڻي جو سڏ واپس ورتو ويو.
سنڌ ايمپلائيز الائنس جي قيادت صبر جو مظاهرو ڪندي خاموشي اختيار ڪئي پر صورتحال ان وقت پيچيده ۽ تشويش ناڪ ٿي وئي ۽ ملازمن ۾ ھڪ وڏو شور مچي ويو جڏهن سنڌ سرڪار جي فنانس کاتي پاران ھڪ نوٽيفڪيشن ڪڍيو ويو جنھن ۾ پينشن سڌارن جي آڙ ۾ وڏي پئماني تي ڪٽوتي جو ذڪر ٿيل ھو. ھن نوٽيفڪيشن ملازمن ۾ عدم سلامتي جي احساس کي جنم ڏنو ۽ ائين مراعتن کان محروم ٿيڻ بجاءِ توقع کان وڌيڪ ملازمن وقت کان اڳ ۾ رٽائرمينٽ وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. جڏھن ته پنهنجي قابليت ۽ صلاحيت جي بنياد تي مشڪل مرحلن ۽ سخت آزمائشي امتحانن جو مقابلو ڪرڻ کان پوءِ تعليم کاتي ۾ آيل استادن ۾ به وڏي بيچيني پکڙجي وئي ڇاڪاڻ جو ڪافي اميدوار ان اميد سان مختلف خانگي ادارن کي الوداع ڪري آيا ھئا ته پويان پينشن جو سھارو اسان جي اولاد جي آئيندي کي سنوارڻ م مددگار ثابت ٿيندو پر ھنن کي ڪھڙي خبر ته سرڪار سڳوري پنھنجا شاھ خرچ گهٽائڻ بجاءِ ۽ ادارن ۾ رشوت جي آزار تي ضابطو آڻڻ بجاءِ انهن کان آخري سھارو به کسيندي. حقيقت اها آهي ته خانگي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ڪافي ملازمن سٺين نوڪرين ۽ مراعتن کي ڇڏي سرڪاري کاتن جو رخ ڪيو پر پينشن جي ڪٽوتي واري معاملي انهن ۾ مايوسي جهڙي صورتحال پيدا ڪئي. ائين سرڪار ملازم مخالف نوٽيفڪيشن مٿان نوٽيفڪيشن ڪڍندي رھي.
سرڪار سڳوري چوي ٿي ته ملڪ ملڪ معاشي بحران جي ور چڙهي آھي، اسان جي مٿان آئي ايم ايف جو دٻاءُ آهي ته غير ضروري خرچ گھٽايو، پر افسوس جو ملڪ جا حڪمران ملڪ جي وسيلن تي قابض ٿي عياشين ۾ مست ٿي ڀرپور مزا وٺي رهيا آهن ۽ ملازمن کي سادگيءَ جو سبق پيا سيکارين، ملازمَن جي مراعتن تي راتاھا ھنندي سرھائي محسوس ڪري رهيا آهن، ملازمن جي مسلسل احتجاج جي باوجود حڪومت پنهنجي ھوڏ تي قائم رھندي سي جي قيادت سان ڳالھائڻ کان نابري واري ويٺي آهي، جيڪا سرڪار جي غير جمهوري رويي جي عڪاسي ڪري ٿو. ملازمن جي نڙي تي ننهن ڏئي انھن جي وات مان گرھ کسڻ جون سرڪاري سازشون ڪامياب ٿيڻ نه ڏنيون وينديون. ملازم ھاڻي ڪڏهن به پنهنجي حقن تان ھٿ نه کڻندا، سرڪار کان ڊسپيئرٽي رڊڪشن الائنس، بينيوولينٽ فنڊ، گروپ انشورنس، پينشن بحالي وارا حق وٺي سرخرو ۽ سوڀارا ٿيندا.
پينشن ۾ ڪٽوتي واري سنگين صورتحال لڳ ڀڳ 41 کاتن سلھاڙيل سرڪاري ملازمن جي سمورن تنظيمن کي ھڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ ۽ متحد ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ ائين ملازمن جي پنھنجي جائز حقن لاءِ ھي تحريڪ، ھلچل، جدوجهد ۽ جاکوڙ پنهنجي عروج تي آهي. گسٽا سنڌ جي بھادر سرواڻ حاجي اشرف علي خاصخيلي جي سربراهي ۾ ملازم تنظيمن جو گڏيل گرينڊ الائنس سنڌ ايمپلائيز الائنس ملازمن جي جائز حقن جي حاصلات لاءِ حڪومت جي سوچ ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ميدان عمل ۾ پنهنجون سڀ توانائيون خرچ ڪندي اڳتي وڌي رهيو آهي. سنڌ ايمپلائيز الائنس سيپٽمبر جي مهيني ۾ ڊويزنل سطح تي تاريخي ريليون ڪڍي پاڻ ملھايو. ملازمن جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي حوالي سان سرڪار جي عدم دلچسپي ۽ بيحسيءَ سبب الائنس مجبورن ھلندڙ مهيني سيپٽمبر جي 23 کان سموري سنڌ جي سڀني ادارن ۾ تالابندي جو اعلان ڪيو جنهن جي ڪري ادارن جو ڪاروھنوار مڪمل طور مفلوج ۽ بند آهي.
سنڌ ايمپلائيز االائنس 6 آڪٽوبر تي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ بلاول هائوس اڳيان پنهنجي طاقت ۽ سگهھ جو ڀرپور مظاهرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، الائنس جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ملازمن جو ڇوليون ھڻندڙ سمنڊ سرڪار کي پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا ۽ پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ هوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪندو. 6 آڪٽوبر تي سنڌ ايمپلائيز االائنس جي اعلانيل ڌرڻي جي سياسي، سماجي، ڪراچي بار، علمي ۽ ادبي تنظيمن نه رڳو حمايت ڪئي آهي پر يڪجهتي، ھمدردي طور پنهنجي ڀرپور ساٿ جو يقين ڏياريو آهي، جيڪا ملازمن جي جائز حقن ۽ مطالبن جي اخلاقي فتح آهي. 6 آڪٽوبر تي ڪو به اڻ وڻندڙ يا پر تشدد واقعو دانشمندي نه ھوندي پر ان سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي. سنڌ سرڪار لاءِ هي سونهري موقعو آهي ته ملازمن جي مطالبن کي مڃتا ڏئي پنهنجي ساک کي بحال ڪري.