20 نڪتن تي ٻڌل غزه امن منصوبو ڇا آهي؟

وائٽ هائوس جي سرڪاري ويب سائيٽ تي پوسٽ ٿيل تجويز ڪيل امن منصوبي ۾ چيو ويو آهي ته 72 ڪلاڪن اندر حماس 20 زنداه يرغمالين ۽ ٻن درجن کان وڌيڪ يرغمالين جي باقيات اسرائيل ڏانهن واپس ڪري  جنهن جي بدلي ۾ غزه ۾ فوجي ڪارروائين کي فوراً روڪڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي آهي. هن تجويز تحت اسرائيلي جيلن ۾ قيد ڪيترن ئي غزه وارن کي به آزاد ڪيو ويندو. جنگبندي جي ڳالهين سان واقف هڪ فلسطيني عهديدار بي بي سي کي ٻڌايو ته وائٽ هائوس جو 20 نڪتن تي ٻڌل منصوبو حماس جي عملدارن کي حوالي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ’قطري ۽ مصري عملدار غزه ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ وائٽ هائوس جو منصوبو دوحا ۾ حماس جي قيادت کي پهچائي ڇڏيو آهي.‘ ان کان اڳ حماس جي هڪ سينئر عهديدار بي بي سي کي ٻڌايو ته اهي ڪنهن به اهڙي تجويز تي غور ڪرڻ لاءِ تيار آهن جيڪا غزه ۾ جنگ ختم ڪري، پر هن زور ڏنو ته ڪنهن به معاهدي ۾ فلسطيني مفادن جي حفاظت، غزه مان مڪمل اسرائيلي انخلا کي يقيني بڻائڻ ۽ جنگ جو خاتمو لازمي هجي. هٿيار ڇڏڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ حماس جي سينئر عهديدار چيو ته ’جيتوڻيڪ اسرائيلي قبضي جاري آهي، مزاحمت جا هٿيار هڪ سرخ ليڪ آهن.‘ هن منصوبي هيٺ ايندڙ وقت ۾ غزه تي حڪومت ڪرڻ ۾ حماس جو ڪو ڪردار نه هوندو.

گذريل روز ٽرمپ ۽ نيتن ياھو جي وچ ۾ وائٽ هائوس ۾ ٿيل اهم ملاقات کانپوءِ هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ صدر ٽرمپ هن منصوبي کي ’امن لاءِ هڪ تاريخي ڏينهن‘ قرار ڏنو. پر هن گڏوگڏ خبردار به ڪيو ته جيڪڏهن حماس هن منصوبي تي راضي نه ٿيندي ته نيتن ياھو کي ’حماس جي خطري کي ختم ڪرڻ لاءِ‘ آمريڪي حمايت حاصل هوندي. هن موقعي تي نيتن ياھو چيو ته جيڪڏهن حماس هن منصوبي کي رد ڪري يا ان تي عمل نه ڪري ته اسرائيل ’ڪم مڪمل ڪري وٺندو.‘

20  نڪتن تي ٻڌل امن منصوبو ڇا آهي؟

غزه هڪ دهشتگردي کان پاڪ علائقو بڻايو ويندو ۽ اهو پنهنجي پاڙيسرين لاءِ خطرو نه هوندو. غزه کي ان جي شهرين لاءِ ٻيهر تعمير ڪيو ويندو، جيڪي اڳ ئي وڏي نقصان کي ڀوڳي چڪا آهن. جيڪڏهن ٻنهي فريڪن، اسرائيل ۽ حماس، هن تجويز تي راضي ٿي وڃن ته جنگ فوراً ختم ٿي ويندي. اسرائيلي فورسز يرغمالين جي آزادي جي تياري لاءِ مقرر لائين تي واپس هٽي وينديون. انهي دوران سڀني فوجي ڪارواين، شامل هوائي ۽ توپخاني جي بمباري، کي روڪيو ويندو ۽ مڪمل نيڪالي جي شرط پوري ٿيڻ تائين هر قسم جي عسڪري ڪارروائي روڪي ويندي. اسرائيل جي طرفان هن معاهدي کي عوامي طور قبول ڪرڻ کان 72 ڪلاڪن اندر سڀ زندا يرغماليون ۽ فوت ٿيل يرغمالين جون لاشون واپس ڪيون وينديون. سڀ يرغمالين جي واپسي کان پوءِ، اسرائيل 250 فلسطيني قيديئن کان علاوه 7 آڪٽوبر 2023 کان پوءِ حراست ۾ ورتل غزه جا 1700 قيدي آزاد ڪندو، جن ۾ سڀ عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن. هر اسرائيلي يرغمالي جي باقيات جي بدلي اسرائيل غزه جا 15 مقتولن جون باقيات واپس ڪندو. سڀ يرغمالين جي واپسي کان پوءِ، حماس جا اهي ارڪا جيڪي پرامن بقاءِ باهمي جو واعدو ڪندا ۽ پنهنجا هٿيار ڇڏيندا، انهن کي عام معافي ڏني ويندي. حماس جا اهي اڪثر ارڪا جيڪي غزه ڇڏڻ چاهيندا، انهن کي انهن ملڪن تائين محفوظ رستو فراهم ڪيو ويندو جيڪي کين قبول ڪرڻ لاءِ تيار هوندا.

 هن معاهدي جي منظوري کانپوءِ فوراً غزه لاءِ مڪمل امداد موڪلي ويندي. امداد جي مقدار گهٽ ۾ گهٽ 19 جنوري 2025 تي ٿيل انساني امداد جي معاهدي جي مطابق هوندي، جنهن ۾ بنيادي ڍانچي جي بحالي (پاڻي، بجلي، سيوريج)، اسپتالن ۽ بيڪريز جي بحالي، ۽ ملبو هٽائڻ ۽ روڊ کولڻ لاءِ ضروري مشينري جي غزه داخلا شامل هوندي. غزه جي پٽي ۾ امداد جو داخلا ۽ ورڇ ٻنهي ڌرين اسرائيل ۽ حماس، جي مداخلت کان سواءِ گڏيل قومن ۽ ان جي ادارن ۽ احمرِ لال سميت ٻين بين الاقوامي تنظيمن ذريعي ڪئي ويندي. ڪنهن به تنظيم کي امدادي ڪارروائين جي لاءِ اجازت نه هوندي جيڪا ڪنهن به فريڪ سان لاڳاپيل هجي. رفح ڪراسنگ ٻنهي رخن لاءِ کولڻ 19 جنوري 2025 جي معاهدي تحت طئي ٿيل ئي طريقيڪار موجب عمل ۾ ايندي. غزه ۾ هڪ ٽيڪنوڪريٽڪ، غير سياسي فلسطيني ڪميٽي کي عارضي عبوري حڪومت طور قائم ڪيو ويندو، جيڪا غزه ۾ عوامي خدمتون ۽ بلدياتي ادارا هلائڻ جي ذميوار هوندي. اها ڪميٽي اهل فلسطيني ۽ بين الاقوامي ماهرن تي مشتمل هوندي. هن ڪميٽي جي نگراني هڪ نئين بين الاقوامي عبوري اداري ’بورڊ آف پيـس‘ ڪندو، جنهن جي سربراهي صدر ڊونالڊ ٽرمپ ڪندا. هن بورڊ ۾ برطانيه جي اڳوڻي وزيراعظم ٽوني بليئر پڻ شامل هوندا جڏهن ته ٻيا اراکين ۽ سربراهي جا اعلان پڻ ڪيا ويندا. هي ادارو غزه جي تعمير نو لاءِ فريم ورڪ طئي ڪندو ۽ تڏهن تائين فنڊ سنڀاليندو جيستائين فلسطيني اٿارٽي غزه جو اثرائتو ڪنٽرول سنڀالڻ ۽ پنهنجو اصلاحاتي پروگرام مڪمل ڪرڻ تائين نه پهچي، جيئن صدر ٽرمپ جي 2020 جي امن منصوبي ۽ سعودي فرانسيسي منصوبن جھڙن تجويزن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. غزه جي تعمير نو لاءِ ٽرمپ جو اقتصادي ترقياتي منصوبو اهڙن ماهرن جي پينل طرفان تيار ڪيو ويندو جن مشرق وسطىٰ ۾ ترقي پذير جديد شهرن جي تعمير ۾ مدد ڪئي هئي. هڪ خصوصي اقتصادي زون کي ترجيحي ٽريف ۽ رسائي جي شرح سان قائم ڪيو ويندو. ڪنهن کي به غزه ڇڏي وڃڻ تي مجبور نه ڪيو ويندو، جيڪو غزه ڇڏڻ چاهي اهو آزاد هوندو ۽ واپس اچڻ به آزادي سان ڪري سگهندو. اسان ماڻهن کي اتي رهڻ جي ترغيب ڏينداسين ۽ انهن کي هڪ بهتر غزه تعمير ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪنداسين. حماس ۽ ٻين دلائن تي زور هوندو ته غزه جي حڪمراني ۾ سڌي، بلواسطه يا ڪنهن به صورت ۾ ڪو ڪردار نه ادا ڪيو ويندو. سڀ فوجي، دهشتگردي ۽ جارحتي ڍانچا بشمول سرنگون ۽ هٿيار ٺاهڻ جون سهولتون تباهه ڪيون وينديون ۽ ٻيهر تعمير نه ڪيون وينديون. آزاد ماهرن جي نگراني ۾ غزه کي غير فوجي زون بڻائڻ جو عمل ڪيو ويندو، جنهن ۾ هٿيار مستقل طور تي ناقابلِ استعمال بڻايا ويندا ۽ ان جي تصديق هڪ متفقه عمل ذريعي ڪئي ويندي. هن عمل کي بين الاقوامي مالي مدد سان هلندڙ بائِ بئڪ ۽ ٻيهر ضم ڪرڻ وارن پروگرامز ذريعي مڪمل ڪيو ويندو. نئون غزه هڪ خوشحال معيشت جي تعمير ۽ پنهنجي پاڙيسرين سان پرامن بقاءِ باهمي لاءِ پوري طرح پرعزم هوندو. علائقي ۾ موجود شراڪتدار انهيءَ ڳالهه جي ضمانت ڏيندا ته حماس ۽ ٻيا ڌڙيون پنهنيون ذميواريون پوريون ڪندا ۽ نئون غزه پنهنجي پاڙيسرين لاءِ ڪو خطرو نه هوندو.

آمريڪا پنهنجي عرب ۽ ٻين بين الاقوامي شراڪتدارن سان گڏ غزه ۾ فوري طور تي تعينات ٿيڻ لاءِ هڪ عارضي بين الاقوامي استحڪام فورس (آءِ ايس ايف) تيار ڪندو. آءِ ايس ايف غزه ۾ جاچيل فلسطيني پوليس فورسن کي تربيت ۽ حمايت فراهم ڪندو، ۽ هن معاملي ۾ اردن ۽ مصر سان صلاح مشورو ڪندو جيڪي هن ميدان ۾ وسيع تجربو رکن ٿا. هي فورس ڊگهي مدت لاءِ اندروني سلامتي جو حل فراهم ڪندي. آءِ ايس ايف اسرائيل ۽ مصر سان گڏ سرحدن کي محفوظ بنائڻ ۾ مدد ڪندو. ان ڪم ۾ نيون تربيت يافته فلسطيني پوليس فورسز پڻ شامل ڪيون وينديون. غزه ۾ ڪنهن به قسم جي جنگي سازوسامان جي داخلا کي روڪڻ ۽ غزه جي تعمير نو ۽ بحالي لاءِ سامان جي تيز ۽ محفوظ منتقلي کي آسان بڻائڻ انتهائي ضروري آهي. فريڪن جي وچ ۾ تڪرارن جي خاتمي لاءِ طريقه ڪار تي به اتفاق ڪيو ويندو. اسرائيل غزه تي قبضو يا ان کي اسرائيل سان الحاق نه ڪندو. جيئن جيئن آءِ ايس ايف ڪنٽرول سنڀاليندي، اسرائيل دفاعي فورسز (آءِ ڊي ايف) اڳ ۾ طئي ٿيل سنگِ ميل ۽ ٽائيم فريمز جي بنياد تي اتي کان انخلا شروع ڪندي، جن تي اسرائيلي فوج، آءِ ايس ايف، ضامن ۽ آمريڪا اڳ ۾ اتفاق ڪندا. هن جو مقصد اهو يقيني بڻائڻ هوندو ته اسرائيل، مصر يا انهن جي شهرين لاءِ هاڻي ڪا خطري جي گنجائش باقي نه رهي. عملي طور تي، آءِ ڊي ايف آهستي آهستي غزه جو ڪنٽرول آءِ ايس ايف جي حوالي ڪندي، پر اهي حفاظتي مقصد خاطر تڏهن تائين پنهنجي موجودگي برقرار رکنديون جيستائين پڪ نه ٿي وڃي ته غزه ڪنهن به ممڪن دهشتگردي خطري جو سبب نه بڻجي. جيڪڏهن حماس هن تجويز کي رد ڪري يا ان جي منظوري ۾ دير ڪري ته هن دوران اسرائيلي فوج دهشتگردي کان پاڪ علائقو (جنهن کي آءِ ايس ايف سپرد ڪيو ويندو) تي قبضو ڪري انهيء منصوبي کي اتي شروع ڪري ڇڏيندي. هڪ بين المذاھب ڊائلاگ جو عمل شروع ڪيو ويندو ته جيئن امن مان حاصل ٿيندڙ فائدن کي اجاگر ڪندي فلسطيني ۽ اسرائيلي ٻنهي جي ذهنيت ۽ بيانين کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. جڏهن غزه جي ٻيهر ترقي ۽ فلسطيني اٿارٽي پاران اصلاحاتي پروگرام تي عمل سان گڏ فلسطينين جي خوداراديت ۽ رياست لاءِ حالتون سازگار ٿينديون  جيڪي اسان فلسطيني عوام جي خواهش طور تسليم ڪندا آهيون. آمريڪا اسرائيل ۽ فلسطينين جي وچ ۾ پرامن ۽ خوشحال بقاءِ باهمي لاءِ ڳالهين کي هٿي ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.