ڪامريڊ منان چانڊيو باوقار ۽ انقلابي ڪردار

تحرير: مرڪ منان چانڊيو

اڄ هي سٽون لکندي ماضي ڏانهن ڌيان ڇڪجي ويو، اهو وقت وڏي بخت وارو هيو جڏهن اسانجي مٿان هڪ باوقار پيءُ جو پيار، پاٻوهه، اعتماد ۽ ڀروسي جو پاڇو هوندو هيو، هو اسان جو نه فقط پيءُ هيو پر هڪ قسم جو ڏڍ، اميد ۽ آسرو هيو جنهن جي سهاري اسان هن ساڙيلي سماج سان منهن مقابل تي هلڻ سکيو هيو، هي ئي شخص هيو جنهن اسانجي علم جو خيال رکيو ۽ اهڙي تربيت ڪئي جنهن اسانکي جلاد جهڙي جڳ ۾ پنهنجي مرضي سان هلڻ، اٿڻ ويهڻ سيکاريو، ها بابا ڪامريڊ منان ئي هيو جنهن جي نظر ۾ ڌيئن ۽ پٽن ۾ ڪائي تفاوت نه هئي، هو ڇا ته شخص هيو سندس سوچون کير جيان اجريون هيون، اهڙا انسان ڪٿي ٿا ٻيهر پيدا ٿين، وقت اهڙن بي مثال شخصيتن جو ڪٿي ٿو خال پورو ڪري سگهي، اهڙن ماڻهن جو زنده به هجڻ هن ڪوجهي سماج جي سونهن کي سرس ڪندو آهي. اهڙن بي بها موتين جهڙن ماڻهن ۾ وارهه جي جهوني جوڌي ڪامريڊ منان چانڊيو جو به شمار ٿئي ٿو.

 هن آدرشي انسان جي جدوجهد ۽ جاکوڙ صرف قلم ۽ ليک تائين محدود نه هُئي پر هو عملي طور سنڌ ۽ سنڌي عوام جي هر مسئلي تي سراپا احتجاج بنيل رهيو، هن انقلابي ڪردار لاتعداد  احتجاجن، مظاهرن، جلسن کان ويندي لانگ مارچن ۾ شرڪت ڪري پنهنجا پير پٿون ڪيا. هن رسول بخش پليجو ۽ عوامي تحريڪ جي نظريي سان سلهاڙجي هڪ حقيقي ۽ سچي ڪارڪن جيان پنهنجي زندگي پنهنجي ڌرتي جي ماروئڙن لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. هن 1983ع ۾  ايم آر ڊي تحريڪ دوران عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان لاڙڪاڻي ۾ رضاڪارانه گرفتاري پيش ڪئي، لاڙڪاڻو کان سکر سينٽرل جيل تائين 9 مهينا ۽ ڪجهه ڏھاڙا ضمير جو قيدي بڻجي جيل ۾ رهيو. ان کانسواءِ رسول بخش پليجو صاحب جي اڳواڻي ۾ سنڌ ۽ قوم دشمن منصوبن خلاف ڀٽ شاھ کان ڪراچي تائين نڪتل پيدل لانگ مارچ جي آخري ڏينهن تي ڪراچي ۾ قائد  سميت سوين ساٿي ڪارڪن سان گڏ گرفتار ٿيو.

عوامي تحريڪ طرفان جيڪي به پيادل لانگ مارچون مختلف شھرن کان ڪراچي تائين ٿيون تقريبن انهن سمورين ۾ ڪامريڊ منان شامل رهيو. شهيد عوام محمد فاضل راهو جي چاليهي تي لاڙڪاڻو کان جيڪو ان وقت راهوڪي تائين ڏھن ڏينهن واري پيدل لانگ مارچ ٿيو هو ان ۾ به ڪامريڊ منان ٻين پارٽي ساٿين سان گڏجي پنڌ ڪيو. ان کان علاوه هن عوامي تحريڪ جي سوين هزارين تنظيمي، سياسي احتجاجي ننڍين وڏين سرگرمين ۾ شريڪ ٿي پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو. عوام جي حقن جي ڳالهه ڪرڻ، عوام جو حقيقي ڀرجهلو ٿي بيهڻ ۽ عوامي جدوجهد ڪرڻ تي ڪامريڊ منان مٿان ڪيترائي ڪوڙا ڪيس درج ٿيندا رهيا اهڙي قسم جي جڙتو ڪيسن جي پويان وڏيرڪي سوچ سميت انهن پوليس جي پالتو ڇاڙتن جو به وڏو هٿ هيو جيڪي ڀوتار جي ڇڇڪر تي پاڻ وڻائڻ خاطر ڪوڙا قلم کڻي ڪامريڊ تي ڪيس داخل ڪري وري وڏيري جي اوطاق تي وڃي سندس پيرن تي هٿ رکي چوندا هيا ته ڀوتار سائين تنهنجي ڪٽر مخالف ڪامريڊ تي اڄ ٻه ڪيس داخل ڪيا آهن، پنهنجي واٺي جي اهڙي ڪرت تي وڏيرو وڏا ڏند ٽيڙي واڇو کنڊيري کلي پوندو هو. اها ڳالهه هتي وڏي ذميواري سان چئي ۽ لکي سگهجي ٿي ته  ڪامريڊ منان مٿان اهڙن ڪوڙن ايف آءِ آر جو تعداد 13 جي لڳ ڀڳ هيو، انهن ڪيس ۾ ملڪ دشمني، دهشتگردي، سميت، پوليس مقابلن سميت ڪيئي ڪوڙا ڪيس هيا جن کي ڪامريڊ منان دليري سان مقابلو ڪري منهن ڏنو.

 بابا ڪامريڊ منان جو ڇڏيل سياسي ۽ ادبي پورهيو اسان لاءِ ان ٿڌي وڻ جي ڇانو مثل آهي جيڪو زماني جي تپش کان اسان کي آخر بچائي ويندو. وقتي مصيبتن کي منهن ڏيئي زندگي جي سفر کي جاري رکي هاڻ ان واٽ تي هلڻ جي ڪوشش ۾ آھيون ته اسانجي زندگي شَل مسڪين مارن جي ڪم اچي سگهي، جيڪو ڪامريڊ ڏس ۽ دڳ ڏيکاري ويو آهي ان تي پير رکي هلڻ جي جستجو ۾ آهيون. آئون هن ڏاڍ جي جبل کي ڏاري ته نه ٿي سگهان پر پنهنجي دانهن جي طاقت سان لوڏي ضرور سگهان ٿي، ظالم کي هڪ ڌڪ ۾ ماري مڃائي ته نٿو سگهجي پر ان جي ڳچي پڪڙي انکي ايترو چئي سگهجي ٿو ته اڄ هي هڪ هٿ آهي پر سڀاڻي سوين هزارين هٿ تنهنجي ڏاڍ جي ڪلي لڳل ڳچي ۾ پئجي سگهجن ٿا. بابا اسان ۾ ننڍپڻ کان ئي سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ قومي عوامي سمجھ سُرت پيدا ڪئي، اڄ اسان جيڪو ڪجهه آھيون سڀ بابا جي ڪري ئي آھيون ڇو جو بابا اسان کي خوداعتماد ۽ پاڻ تي ڀروسو ڪرڻ سيکاريو، اهو ئي سبب آهي جو رهزن سماج ۾ اڄ اسان بنا ڪنهن خوف ۽ خطري جي ٻاهر نڪري سگهون پيا، تعليمي ادارن کان ويندي سياسي سماجي ۽ علمي ادبي ميدان ۾ پڻ اڳ کان اڳڀرا آھيون.

 ڪامريڊ منان جي جدوجهد جو تسلسل برقرار رکندي آءُ سندس نياڻي سياسي پُختگي ۽ مضبوطي سان سنڌ جي دل ڪراچي جي روڊن رستن تي ڌرتي ڌڻين جي حقن جي حاصلات لاءِ پنهنجي حصي جي جدوجهد ڪري پنهنجي بابا جي ڏنل دڳ ۽ واٽ تي گامزن آھيان ۽ رهنديس. ڇو ته مون جڏھن هن وشال ڪائنات ۾ اَک کولي تڏھن منهنجي ڪَنن ۾ انقلاب جي آذان گونجي هُئي، ڪنهن شَخص شايد ان وقت منهنجي ڪنن ۾ ڌرتيءَ ڏانهن رُخ ڪري، مارُن ڏانهن اشھد آڱر جو اشارو ڪري مارويءَ جو خطبو پڙھيو. ان خطبي ۾ صرف ديس جي وفا هُئي، لوئي ۽ لڄ جي ڳالھه ھُئي، وطن ۽ مسڪين مارن جي ڳالھ هئي، کٿي ۽ کيٿ جي ڳالھ هُئي، چانڊوڪي ۽ چيٽن جي ڳالهه هئي، ظلم، ناحق، ڏاڍ ۽ جبر سان وڙهڻ جي ڳالهه هئي، ڀوتارڪي ڀت جي تابوت ۾ آخري ڪوڪي هڻڻ جي ڳالهه هئي، جاگيرداري نظام جي ڪرندڙ ڇٽ جي ڳالهه هئي، واره سميت سنڌ جي وارثي جي ڳالهه هئي، حياءُ، شرم ۽ لڄ جي ڳالهه هئي، همت، جرئت، جوش ۽ جذبي جي ڳالهه هئي. ڪامريڊ منان چانڊيو جهڙن ڪردارن جا مقصد ۽ مشن اسان سڀني لاءِ هڪ سبق آھن جنهن مان اسان سڀني کي سکڻ گهرجي. اهو عهد ڪيون ٿا ته سندس ڇڏيل مقصد غريب، اٻوجهه، مسڪين ۽ مظلوم قوم ۽ عوام جي سُک، آسائش خوشحالي ۽ آجپي لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري ڪامريڊ منان چانڊيو جي نظريي کي پائي تڪميل تائين پهچائبو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.