ڪرڪيٽ ۾ سياست کي آڻڻ تي ڀارت خلاف ڪارروائي ڪير ڪندو؟

ڀارت هاڻي راندين جي ميدان تي به پاڪستان سان دشمني جو جيڪو محاذ کولي ڇڏيو آهي ۽ ان ڏس ۾  غلطين مٿان جيڪي لاڳيتيون غلطيون ڪري رهيو آهي تنهن خلاف فوري ڪارروائي نه ڪئي وئي ته عالمي ڪرڪيٽ تي به ان جا خوف ناڪ اثر پئجي سگهن ٿا جيڪي ڪرڪيٽ جي ايشيا ڪپ کان پوڻ شروع ٿي چڪا آهن.

 ايشيا ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم جنهن پهريون ته پاڪستاني  رانديگرن سان  خير سگالي ختم ڪندي  هٿ ملائڻ ڇڏي ڏنو هو تنهن  ٽيون ڏينهن وري ڪرڪيٽ بورڊ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي سربراهه محسن نقوي کان ٽرافي وٺڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو. جڏهن ته محسن نقوي جيڪو اهم حڪومتي گهرو وزارت وارو عهدو به رکندڙ آهي سو فاتح ٽيم ڀارت کي راند ختم ٿيڻ کان پوءِ تقريب ۾ ٽرافي ڏيڻ لاءِ اسٽيج تي به اچي چڪو هو پر ان تي پاڪستان جي حڪومت جو ڪو دٻاءُ نه هو ته هو فاتح ڀارتي ٽيم کي پنهنجن هٿن سان ايشيا ڪپ جي ٽرافي نه ڏيندو پر ڀارٽي حڪومت ۽ ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا ۽ ڪرڪيٽ جي ماحول کي خراب کان خراب ڪرڻ کان نه مڙيا ايئن ڀارتي ٽيم، محسن نقوي کان ٽرافي وٺڻ کان انڪار ڪري ايشيا ڪپ جي روايتي اختتامي تقريب کي به سخت متاثر ڪيو. بهرحال ايشيا ڪپ جي ٽرافي پوءِ اندر پويلين ۾ ڀارتي ٽيم ڏانهن موڪلي وئي.

اسان پهريون به هن ئي ايڊيٽوريل ۾لکي چڪا آهيون ته ڀارت جي موجوده انتهاپسند حڪمران جماعت بي جي پي جي انتهاپسند وزيراعظم نريندر موديءَ نه رڳو پاڪ ڀارت جي لاڳاپن کي ڇڪتاڻ وارا ۽ جنگي بڻائي ڇڏيا آهن پر ان جي انتهاپسند پاليسين ڪرڪيٽ جي غيرسياسي فضا کي به ڇڪتاڻ جوڳو ۽ تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي پر حيرت آهي ته ڀارت جي اهڙي انتهاپسند ۽ غير ذميوار رويي جو ڪهڙي به سطح تي نوٽيس ناهي ورتو ويو ۽ نه ئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ڪرڪيٽ جي ضابطن ۽ اخلافن جي ڀڃڪڙي خلاف ڪارروائي جي همت ساري سگهيو آهي. باوجود ان جي ته ڀارت وڏي عرصي کان آءِ سي سي جي ڊسپلين جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي. پاڪستان سان پاڪستان ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ لاءِ  ته اهو سيڪيورٽي جا بهانا ڪندو رهيو آهي پر ٻئي پاسي پاڪستان جي ٽيم سيڪيورٽي خدشن باوجود ڀارت ويندي رهي آهي ايستائين جو ڀارت  ۾ ڪرڪيٽ جو ورلڊ ڪپ به کيڏڻ وئي پر جڏهن ڪرڪيٽ  ۾ چيئميز ٽرافي کيڏڻ جو مرحلو آيو ته ڀارت پنهنجي ٽيم پاڪستان موڪلڻ کان انڪار ڪيو. ٻيون سڀ ٽيمون پاڪستان ۾ کيڏڻ آيون پر هڪڙي ڀارت جي ٽيم ٽورنامينٽ جون سڀ ميچون دبئي ۾ کيڏيون. ڀارت کي  ان ڀڃڪڙي ۾ به آءِ سي سي جو سهڪار مليو.

وري هن سال جڏهن ڀارت غير ذميواري جو مظاهرو ڪندي پاڪستان خلاف جنگ جي اڳرائي ڪئي ته پوءِ اها جنگي دشمني باقاعدي ڪرڪيٽ جي ميدانن  ۾ به لاٿي وئي. ڀارت جي ڪرڪيٽ بورڊ کي جيڪڏهن ايشيا ڪپ مان ڪنهن تمام وڏي مالي فائدي جو مفاد نه هجي ها ته جيڪر ايشيا ڪپ جو ئي بائيڪاٽ ڪري ها. ڀارتي ميڊيا جو به ڪرڪيٽ بورڊ تي دٻاءُ هو ته اهو ايشيا ڪپ جو بائيڪاٽ  ڪري ۽ پاڪستان سان ڪرڪيٽ نه کيڏي  پر ڀارت پنهنجو مالي مفاد جيئن ته وڃائڻ نه پئي چاهيو تنهن ڪري اهو کيڏيو ته صحيح پر پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن سان ملڻ جلڻ جو بائيڪاٽ ڪيائين نه ڪرڪيٽ جي ميدان تي هينڊ شيڪ ٿيو ۽ نه ئي ايشيا ڪپ کٽڻ ۽ پاڪستان کي ٽورنامينٽ ۾ لاڳيتو ٽيون ڀيرو شڪست ڏيڻ کان پوءِ سندس هانو ٿڌو ٿيو ۽ خراب حرڪت ڪري وڌائين. جڏهن ته ٻئي پاسي پاڪستان جو  رويو پنهنجي ملڪي سياست ۽ ڀارت سان تڪرار واري معاملي کي ڪرڪيٽ جي ميدانن تي آڻڻ جي هميشه کان خلاف رهيو آهي جيڪا ئي درست پاليسي آهي. اهڙي قسم جي پاليسي ڪري پاڪستان جي عالمي برادري ۾ پڻ ساک سٺي ٿي وئي آهي جڏهن ته ٻئي پاسي ڀارت جي ساک خراب کان خراب ئي ٿي رهي آهي.

هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڀارت جي وڌندڙ ان جنگي جنون کي ڪير روڪي سگهي ٿو يا نه.  سياسي محاذ تي ڇا ڀارت جو ڪو دوست ملڪ مودي جي حڪومت کي سمجهائي سگهي ٿو يا نه باقي آءِ سي سي جيڪڏهن غير جانبداري جو مظاهرو ڪري ته اهو ادارو ڀارتي ٽيم خلاف ڪارروائي ڪري سگهي ٿو ته جيڪڏهن پاڪستان، ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ ملڪي سياست کي نٿو ڌڪي يا ڌڪڻ نٿو چاهي ته ڀارت ڇو ان انتها ڏانهن وڌي  رهيو آهي تنهن ڪري اصولي طور تي آءِ سي سي خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ گهرجي پوءِ ڀلي ان جو ڪهڙو به نتيجو نڪري پر عام تاثر اهو آهي ته آءِ سي سي جي اداري جو ڀارت ڏانهن نرم رويو نظر اچي رهيو آهي جنهن سان ڪرڪيٽ کي ئي نقصان رسندو ۽ جيڪڏهن ڀارت خلاف ان ڏس ۾ ڪا ڪارروائي  نه ٿي ته ممڪن آهي ته پوءِ ان خطري جو امڪان آهي ته پاڪستان به ڪرڪيٽ جي ميدانن  ۾ جوابي طور  سياست ڪرڻ لڳي. ان ڪري آءِ سي سي کي اسٽينڊ وٺڻو پوندو ۽ ڀارت کي راندين جي ميدان ۾ سياست ڪرڻ کان فوري طور تي روڪڻ جو انتظام ڪرڻو پوندو.

 ٻئي پاسي ڀارت ۾ به ملڪي پاليسي خلاف ڳالهائڻو پوندو پر افسوس ته اتي ڪير به ڀارت جي موجوده انتهاپسند پاليسي خلاف ڳالهائڻ جي همت نٿو ساري. ڀارتي حڪومت اهڙو انتها پسنداڻو ماحول ٺاهي ڇڏيو آهي جو مودي حڪومت خلاف ڳالهائڻ ڄڻ ته ڏوهه بڻجي ويو آهي. ٻيو ته ڇڏيو مخالف ڌر به ان معاملي ۾ خاموش آهي ۽ اتان جون اهي ڌريون جيڪي پاڪ ڀارت لاڳاپن جون حاميون هونديون هيون سي به حيرت انگيز طور تي لاتعلق بڻجي ويون آهن جنهن ڪري ڀارت جي موجوده انتهاپسند حڪومت جون انتهاپسند پاليسيون نه رڳو ڪرڪيٽ جي ميدانن تائين پهچي ويون آهن پر اهي ڀارت جي بدنامي جو به سبب بڻجڻ لڳيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.