عوامي ورڪرز پارٽي پاران عوامي ڪٺ لاءِ دعوت ناما

حيدرآباد (پ ر)عوامي ورڪرز پارٽي جو سيڪريٽري جنرل بخشل ٿلهو، پارٽي وفد سميت عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس ڊي ٽين پليجو هائوس، قاسم آباد حيدرآباد پهتو، جتي هن عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي بخشل ٿلهي عوامي تحريڪ جي قيادت کي امن، ماني ۽ زمين عوامي ڪٺ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، جيڪو عوامي ورڪرز پارٽي طرفان منرل اينڊ مائينز ايڪٽ، سنڌ جي سامونڊي پٽي، درياهه ۽ زمين تي ٿيندڙ ڪارپوريٽ قبضي خلاف 11 آڪٽوبر تي حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويندو.ملاقات دوران ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن وچ ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ٿي.ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته ارسا کي ختم ڪري وفاقي اٿارٽي ٺاهڻ وارو وفاقي سرڪار جو اعلان آئين ۽ قانون جي کليل ڀڃڪڙي آهي. پيپلز پارٽي اقتدار جي لالچ ۾ ارڙهين آئيني ترميم کي عملي طور ختم ڪرائي ڇڏيو آهي، بخشل ٿلهي چيو ته منرل اينڊ مائينز ايڪٽ وسيلن تي قبضي جي وڏي سازش آهي. ملاقات ۾ نور احمد ڪاتيار، عبدالقادر رانٽو، ڪاشف ملاح، نور نبي پليجو، ضياءُ ڀٽي، نائب صدر بادل ملڪ ۽ اديب رتڙ پڻ موجود هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.