وطن عزيز جو هر شعبو ٻٽي معيار جو شڪار آهي،وفاق ۾ هڪ ته صوبن ۾ ٻيو ۽ هر صوبي جا وري پنهنجا پنهنجا الڳ معيار ۽ ماپا،ان ٻٽن معيارن ۽ ناقص پاليسين جي ڪري ملڪ جا تقريبن سڀئي شعبا ۽ انهن جا ملازم ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهن۔ملڪ جا ڪرتا ڌرتا 78سال گذرڻ کانپوءِ به ڪو هڪ اهڙو نظام تشڪيل ڏئي نه سگهيا آهن جنهن تحت ملڪي ڪاروهنوار هلايو وڃي ۽ ڪنهن کي ڪنهن کان ڪا شڪايت ڪانه هجي۔انهن ناقص پاليسين جو نتيجو آهي جو ملڪ ۾ آئي ڏينهن احتجاج ۽ ڌرڻا ڄڻڪ اسانجو قومي ڪلچر بڻجي چڪا آهن۔جڏهن ماڻهن سان بيواجبي ٿيندي ته دانهون ته ڪندا اهو وري حڪومت جو فرض آهي ته انهن کي وقت سر ٻڌي مسئلا حل ڪري،پر سڀ کان بهتر ڳالهه هي آهي ته شروع کان اهڙو ماحول ئي پيدا نه ڪيو وڃي جو ماڻهو روڊن رستن تي اچڻ لاءِ مجبور ٿي پون جيئن هن وقت سنڌ ۾ نظر اچي پيو،
اڄ صورتحال هيءَ آهي ته سنڌ جا سڀئي اهم ادارا بند آهن اسڪولن کان ويندي يونيورسٽين تائين،اسپتالن جي او پي ڊي ۽ ڪمشنر آفيسن جهڙا اهم ادارا 23سيپٽمبر کان تالابندي جو شڪار آهن ايئن ته حالت جنگ ۾ به نه ٿيندو آهي جيئن اسان وٽ ٿي رهيو آهي۔انهن حالتن مان اندازو ڪرڻ کپي ته ماڻهو ڪيترا پريشان هوندا،تعليم جو ڪيترو نقصان ٿي رهيو هوندو ۽ سڄي ڪاروهنوار ٺپ ٿيڻ جي ڪري سرڪار کي يا عوام کي ڪيترو نقصان ٿي رهيو هوندو؟پر مسئلو هي آهي ته اسان وٽ عوامي نقصان کي ڪڏهن به سرڪار پنهنجو نقصان نه سمجهيو آهي،جيڪڏهن سمجهي ها ته اڄ ادارن کي هن ريت تالا نه لڳن ها ۽ افهام تفهيم سان سڀئي مسئلا حل ٿي چڪا هجن ها۔
سنڌ جي سڀني ملازمن تي مشتمل اتحاد”سنڌ ايمپلائيز الائنس“ جنهن جي اڳواڻي گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچرس ائسوسيئيشن جو مرڪزي صدر اشرف خاصخيلي ڪري رهيو آهي تنهن مطالبن جي جاري ڪيل فهرست ۾ ڄاڻايو آهي ته، بلوچستان حڪومت جي طرز تي سنڌ حڪومت جي ملازمن کي به رٽائرمينٽ کانپوءِ گروپ انشورنس ۽ بينيوويلنٽ فنڊ ڏنو وڃي،هي اها رقم آهي جيڪا هر مهيني ملازمن جي ماهوار پگهار مان ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي ۽ حيرت جي ڳالهه آهي ته ملازم سرڪار کان ڪا رعايت نه پر پنهنجي ڪٽوتي ٿيل رقم جي واپسي لاءِ احتجاج پيا ڪن،ملازمن جي گهر آهي جيئن ته اسيمبلي ميمبرن۽وزيرن جون پگهارون 400في سيڪڙو تائين وڌايون ويون آهن مهانگائي کي نظر ۾ رکندي اسانجي پگهار به 70في سيڪڙو وڌائي وڃي،جيئن ٻين صوبن ۽ وفاق ۾ ملازمن کي 30في سيڪڙو ڊي آر اي الائونس(پگهار ۾ تفاوت جو الائونس)ڏنو وڃي ٿو تيئن سنڌ جي ملازمن کي به ڏنو وڃي۔پر سنڌ سرڪار ملازمن کي خاموش ڪرڻ لاءِ انهن کي پگهارن ۾ واڌ يا ٻيا الائونس ڏيڻ بدران انهن جي پڇاڙي جي سهاري ۽ اميدن يعني پينشن تي لت ڏئي انهن کي ويتر ڀرپور احتجاج تي مجبور ڪري ڇڏيو۔ملازمن جي اتحاد جو مطالبو آهي ته سنڌ حڪومت طرفان مختلف وقتن نومبر 2024، 31جولاءِ 2025،آگسٽ 2025 ۾ پينشن اصلاحات جي نالي تي جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن رد ڪيا وڃن۔سنڌ حڪومت پينشن اصلاحات ۾ پينشن 63.5في سيڪڙو مان گهٽائي 15في سيڪڙو ڪئي آهي ۽ هڪ نوٽيفيڪيشن ۾ فيملي پينشن به ختم ڪئي وئي آهي سي سڀئي نوٽيفيڪيشن واپس ورتا وڃن۔پنجاب حڪومت به پينشن اصلاحات واپس وٺي ڇڏيا آهن پر سنڌ حڪومت اڃان گهڻو ڪجهه ٻيو پئي سوچي ته ڪيئن ملازمن کي چٿ ڏني وڃي۔اڪثر ڪراچي پريس ڪلب،سنڌ اسيمبلي ۽ سي ايم هائوس جي روڊن رستن تي احتجاج ڪندڙ سرڪاري ملازمن خاص ڪري استادن کي پوليس جي بدترين تشدد جو شڪار ٿيندي ڏٺو ويو آهي ۽ ان ذلالت ۽ رسوائي کانپوءِ کين ڳالهين لاءِ گهرايو ويندو آهي
حڪومت ان بدترين تشدد کان اڳ ملازمن سان ڳالهيون ڪري انهن کي مطمئن ڪري نه ٿي سگهي؟۔پ پ پ حڪومت هڪ جمهوري حڪومت هئڻ جي دعويدار آهي ته ان کي پنهنجا رويا به جمهوري رکڻ گهرجن تشدد جي بدران عزت احترام ۽ ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ کيس ماڻهن جي تڪليفن جو احساس ڪرڻ گهرجي۔جڏهن وفاق ۾ بجيٽ2025-26 پيش ڪئي پئي وئي ته ان وقت پ پ پ چيئرمن بلاول ڀٽو زرداري جي گهر هئي ته ملازمن جون پگهارون 50في سيڪڙو وڌايون وڃن پر جڏهن سنڌ حڪومت بجيٽ پيش ڪئي ته پگهارون 10في سيڪڙو وڌايون ويون يعني ائين چئجي ته وفاق ته پ پ پ چيئرمن جو چيو نه مڃيو پر سندس ڳالهه سنڌ حڪومت به نه ٻڌي۔ضلعن،ڊويزنن کان ٿيندو ملازمن جو هي احتجاج هاڻي سنڌ سطح تائين پهتو آهي سرڪاري ادارن کي تاحال تالا لڳل آهن اسپتالن ۾ مريض سخت پريشان آهن ۽ تعليمي ادارن ۾ ڪانو پيا لنون پر پ پ پ چيئرمن کي هاڻي خبر پئي آهي ته ملازم احتجاج پياڪن،هن پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ”اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي مزدورن ۽ پورهيتن جي حقن جي دفاع ڪندڙ پارٽي سرڪاري ملازمن جي پينشن 65في سيڪڙو مان 15في سيڪڙو ڪري ڇڏي!!پينشن جيئن آهي تيئن ملندي رهندي،مون سي ايم کي چيو آهي ته احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري انهن کي مطمئن ڪيو وڃي“۔اهو به پ پ پ جو ڪو دور هو جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم بڻيو،سکر ايئرپورٽ تي لٿو ته ڏٺائين ڪجهه ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن وزيراعلي غلام مصطفي جتوئي کان پڇيائين ڇا ڳالهه آهي؟ چيائين سائين استاد آهن انڪريمينٽس جي گهر ٿا ڪن ڀٽي صاحب چيو ڇاجو گوڙ لڳايو اٿو پوءِ ڏئي ڇڏيو نه!!۽ اڄ به سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت آهي جنهن جي ڪن تي جونءِ به نه ٿي چري ته صوبي ۾ ڇاٿي رهيو آهي؟الميو هي آهي ته اسان وٽ گهڻا مسئلا ئي تڏهن ٿا جنم وٺن جڏهن ماڻهن جي ڳالهه نه ٿي ٻڌي وڃي۔جيڪڏهن ڳالهھ ٻڌي وڃي ته هوند مسئلا پيدا ئي نه ٿين!تعليمي ادارن کي تالا سڄي سنڌ ۾ لکين شاگردن جي تعليم جو زيان ڪا معمولي ڳالهه ناهي،اسپتالن جي او پي ڊي بند پري پري کان مسڪين ماڻهو پنهنجا مريض کڻي اسپتالن ۾ اچن ۽ تالا ڏسي مايوس ٿين انهن جي دلين تان ڇا نه گذرندي هوندي۔سرڪار کي ماڻهن جي تڪليفن جو احساس ڪرڻ گهرجي۔ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ کان حتي الامڪان گريز ڪرڻ گهرجي جنهن سان حالتون تالابندي تائين پهچن۔حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سرڪاري ملازمن جون پگهارون يا پينشن قومي خزاني تي ٻوجهھ ڪونه آهي پر حڪومت جا اربين روپين جا شاهي خرچ ۽ مراعتون قومي خزاني تي بار آهن۔پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جون رپورٽون،نيب اينٽي ڪرپشن وغيره جي ريفرنسز تي نظر ڪئي وڃي ته سرڪاري بدانتظامي جي ڪري هر سال قومي خزاني جا اربين روپيا ڪرپشن جي نذر ٿيو وڃن،جيڪڏهن بي جا سرڪاري خرچن، مراعتن ۽ ڪرپشن کي ٻنجو ڏنو وڃي ته انهن قدمن سان گهڻو ڪجهه بچي سگهي ٿو