ٽرمپ ۽ شهباز جي ملاقات: ڪجهه سوال ڪجهه جواب

پاڪستان جي سياست ۽ عالمي طاقت جي راند ۾ هر ملاقات فقط هٿ ملائڻ ۽ تصويرون لهرائڻ تائين محدود نه هوندي آهي، پر ان جا اڻ ڏٺل اثر ۽ پيغام به گڏ هلندا آهن. سياست ۾ اهڙا لمحا، جيڪي ظاهري طور تي معمولي نظر اچن ٿا، حقيقت ۾ وڏن رخن ۽ نون دروازن کي کولڻ جو سبب بڻجي سگهن ٿا. ٽرمپ ۽ شهباز شريف جي ملاقات به اهڙي ئي پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي. دنيا جي موجوده منظرنامي ۾، جتي ٽڪراءَ، مقابلو ۽ مفادن جا پردا مسلسل بدلجن ٿا، اتي پاڪستان لاءِ سڀ کان وڏو امتحان اهو آهي ته هو پنهنجي موقف، خودمختياري ۽ عوامي اميدن کي عالمي قوتن جي مطالبن ۽ شرطن سان ڪيئن توازن ۾ آڻي ٿو.

شهباز شريف جڏهن آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏئي ٿو، ته اها فقط سرمايو آڻڻ جي ڳالهه نه آهي، پر ان سان روزگار جا نوان دروازا، ٽيڪنالاجيءَ جي منتقلي ۽ معاشي ترقيءَ جي اميد به جڙيل آهي. زرعي، توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ معدني شعبن ۾ اهڙا موقعا ملڪ کي نئين حياتي ڏئي سگهن ٿا. پر ساڳئي وقت خطرو به آهي ته جيڪڏهن اهي سيڙپڪاريون فقط آمريڪي شرطن تي هجن، ته مقامي صنعت دٻجي ويندي، تجارتي خسارو وڌندو ۽ قرضن جو بوجھ ڳرو ٿيندو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته عالمي طاقت سان لاڳاپو هر ڀيري قيمت وٺي ٿو  ڪڏهن پاليسيءَ ۾ مداخلت، ڪڏهن سلامتيءَ تي شرطون  ۽ ڪڏهن قومي خودمختياريءَ جي قرباني.

گذريل ڏهاڪن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ڪڏهن ڀرپور ڀائيواري ته ڪڏهن ڇڪتاڻ سان ڀريل رهيا آهن. تحفظ ۽ سلامتيءَ جي معاملن ۾ تضاد ٻنهي طرفن کي ڀڃي ڇڏيو، پر هاڻي ٽرمپ ۽ شهباز جي ملاقات هڪ نئين سگنل طور پيش ٿي سگهي ٿي. شايد آمريڪا لاءِ پاڪستان کي ٻيهر اهم اسٽريٽجڪ پارٽنر طور ڏسڻ جو وقت اچي چڪو آهي. خاص طور تي جڏهن خطي ۾ افغانستان، ايران ۽ هند-پاڪ لاڳاپا عالمي توجهه جو مرڪز آهن، تڏهن پاڪستان کي وچ واسطو بڻجڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. ان ملاقات ۾ گازا ۽ وچ اوڀر جي ڳالهه به ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان پنهنجي آواز کي عالمي سياست ۾ ملهائڻ چاهي ٿو. پر سوال اڃا به بيٺل آهي ته ڇا اهڙيون ملاقاتون واقعي قومي فائدي ۾ تبديل ٿين ٿيون يا رڳو علامتي رهجي وڃن ٿيون؟ جيڪڏهن آمريڪا کان ايندڙ واعدا عملي صورت ۾ نه اچي سگهيا، ته عوامي بيزاري ۽ مايوسي وڌندي. جيڪڏهن سيڙپڪاريءَ جا نتيجا ماڻهن تائين نه پهتا، ته اعتماد هڪ ڀيرو ٻيهر ٽٽي سگهي ٿو. ان کان سواءِ، فوجي ۽ سياسي ادارن جي وچ ۾ اختيار جو توازن به اهم آهي. جيڪڏهن آمريڪي لاڳاپا رڳو فوجي ۽ خفيه چينلن تائين محدود رهيا، ته سياست پنهنجي مرڪزي حيثيت وڃائي ڇڏيندي. تاريخ جو تلخ تجربو اهو ٻڌائي ٿو ته جڏهن به سياست کان وڌيڪ اسٽيبلشمينٽ اڳيان رهي آهي، تڏهن نتيجا اڪثر وقت قوم لاءِ ڏکيا ثابت ٿيا آهن.

پاڪستان لاءِ بهترين حڪمت عملي اها ٿي سگهي ٿي ته هو آمريڪا سان لاڳاپن کي رڳو هڪڙي رستي تائين محدود نه ڪري، پر چين، سعودي عرب، يو اي اي ۽ ٻين ملڪن سان به مضبوط اقتصادي ۽ سياسي لاڳاپا برقرار رکي. پاليسيءَ جو تنوع ئي قومي خودمختياريءَ جو ضامن بڻجي سگهي ٿو. ان سان گڏ، لازمي آهي ته هر معاهدي ۽ سيڙپڪاريءَ لاءِ شفاف ۽ واضح قانوني فريم ورڪ ٺهڻ گهرجي، جيئن ڪنهن به مرحلي تي عوام جو اعتماد نه ٽٽي. عوامي تاثر ۽ سياسي استحڪام کي به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، ڇو ته جيڪڏهن عوام محسوس ڪن ته حڪومت فقط عالمي خواهشن جي تابع آهي، ته قومي بيزاري وڌيڪ  ڳڀير ٿيندي.

ماضي ۾ پاڪستان ڪيترا ڀيرا عالمي قوتن سان گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪڏهن افغان جنگ ۾ فرنٽ لائين اسٽيٽ بڻيو، ڪڏهن دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيو، پر هر ڀيري قيمت عوام کي ڏيڻي پئي. شهيدن جي صورت ۾، اقتصادي بوجھ جي صورت ۾ يا وري سياسي عدم استحڪام جي صورت ۾. سوال اهو آهي ته ڇا هاڻي به ساڳي ڪهاڻي ورجائبي؟ يا پاڪستان پنهنجي تاريخ مان سبق وٺي اڳتي وڌندو؟ ٽرمپ ۽ شهباز جي ملاقات ان سوال جو جواب ڏئي سگهي ٿي، جيڪڏهن ان مان نئين رستي جو انتخاب ڪيو وڃي. اقتصاديات جو پهلو هتي سڀ کان اهم آهي. جيڪڏهن آمريڪي ڪمپنيون واقعي زرعي، توانائي ۽ ٽيڪنالاجي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪن ٿيون، ته ملڪ جي معيشيت ۾ هڪ نئين تحرڪ اچي سگهي ٿي. پر ساڳئي وقت، ان سيڙپڪاريءَ کي مقامي ضرورتن سان هم آهنگ ڪرڻ لازمي آهي. جيڪڏهن سيڙپڪار رڳو پنهنجن مفادن لاءِ ڪم ڪندا، ته ملڪ ٻيهر هڪ وڏو مارڪيٽ بڻجي رهندو ۽ حقيقي ترقيءَ جو خواب فقط خواب ئي رهندو. ان لاءِ حڪومت کي ضروري آهي ته هر معاهدي ۾ اهڙا شرط شامل ڪري، جيڪي مقامي ماڻهن لاءِ روزگار، تعليم ۽ سکيا جا موقعا پيدا ڪن. سياست جو پاسو به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. آمريڪا سان نوان لاڳاپا صرف تڏهن عوامي سطح تي قبول ٿيندا، جڏهن ان مان ماڻهن کي سڌي فائدي جو احساس ٿيندو. جيڪڏهن ملاقاتن جا نتيجا فقط اشرافيه تائين محدود رهيا، ته عوامي بيزاري ٻيهر اُڀري ايندي. اهڙي صورتحال ۾ سياسي استحڪام به خطري ۾ پئجي ويندو. ان لاءِ حڪومت کي شفافيت، اعتماد ۽ عوامي شموليت کي يقيني بڻائڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.