عوامي تحريڪ پاران اڄ حيدرآباد ۾ ڪانفرنس،تياريون مڪمل

حيدرآباد(پ ر) 27هين آئيني ترميم ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ جي ورهاڱي، ڪالاباغ ڊيم سميت نون ڊيمن ۽ ڪئنالن، ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا ايڪٽ ۽ ٻين ڪارن قانونن خلاف عوامي تحريڪ طرفان اڄ (24 سيپٽمبر تي) حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس رٿيل، ڪانفرنس جون تياريون مڪمل. تفصيلن موجب ڪانفرنس جي تياري ڪميٽي جو اجلاس عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت هيٺ ڊي ٽين پليجو هائوس قاسم آباد حيدرآباد ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. تياري ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي اڳواڻن ٻڌايو ته ڪانفرنس ۾ سنڌ جا اديب، دانشور، شاعر، وڪيل، ليکڪ، سياسي سماجي شخصيتون ۽ هاري ۽ مزدور اڳواڻ شرڪت ڪندا. ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ سيد زين شاهه، امداد قاضي، ڪامريڊ بخشل ٿلهو، نور نبي راهوجي، هوت خان گاڏهي، تاج مري، جامي چانڊيو، يوسف لغاري ايڊووڪيٽ، مسعود نوراني، پروفيسر اعجاز قريشي، نصير ميمڻ، نور چاڪراڻي، ۽ ٻين اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ محققن کي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏني وئي آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته سنڌي قوم سجاڳ ٿئي، سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻي آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.