بحريا ٽائون جي زمين الاٽ وارو ريفرنس ٽرائل ڪورٽ موڪلڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس حسن اڪبر تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  بحريا ٽائون جي زمين الاٽ ڪرڻ واري ريفرنس جو معاملو ٽرائل ڪورٽ موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ريفرنس ۾ جوابدارن کي 15 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت به ڏئي ڇڏي،  بحريا ٽائون ڪراچي جي زمين جي الاٽمينٽ ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال واري ريفرنس ۾ ملوث اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه، صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ۽ منظور قادر ڪاڪا جا نالا ريفرنس مان خارج ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ريفرنس معاملو ٽرائل ڪورٽ ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته اهو اختيار ٽرائل ڪورٽ جو آهي ته هوءَ جوابدارن کي ريفرنس مان خارج ڪري يا نه، معاملو ٽرائل ڪورٽ موڪلي رهيا آهيون، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ٽي رڪني بينچ قرار ڏنو هو ته معاملو ريگيولر بينچ ئي ٻڌندي، ٽرائل ڪورٽ ۾ ڪاپي به فراهم ٿي چڪي آهي، جسٽس اقبال ڪلهوڙي چيو ته اهو دائرا اختيار ٽرائل ڪورٽ جو آهي، ٽرائل ڪورٽ اوهان کي ريفرنس مان خارج ڪري يا نه ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.