ڪراچي (رپورٽر) سماجي تنظيم سي آءِ پي ۽ کدڙن فقيرن جي اتحاد ڪراچي ۾ هڪ ڏينهن اڳ ٿيل حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي، ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو آهي ته کدڙن فقيرن جي جاني ۽ مالي تحفظ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. جاري ڪيل بيان موجب ميمڻ ڳوٺ مان ٽن کدڙن فقيرن جا لاش مليا، ڪراچي ۾ هڪ کدڙي فقير کي زخمي ڪيو ويو، صوابي ۾ کدڙن فقيرن کي مبينا طور ضلعي مان نيڪالي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو، اهي .
واقعا انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي ظاهر ڪن ٿا، کدڙن فقيرن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. کدڙن فقيرن جي نمائنده تنظيمن مطالبو ڪيو آهي ته سنڌ پوليس ۽ وفاقي حڪومت ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪن، ۽ صوبائي اسيمبلي ۾ اهڙو قانون پاس ڪيو وڃي جيڪو کدڙن فقيرن جي بنيادي انساني حقن جي مڪمل ضمانت ڏئي. ان سان گڏوگڏ هنن جو مطالبو آهي ته قومي انساني حقن واري ڪميشن کي به فعال بڻائي، کدڙن فقيرن جي تحفظ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدمن جو اعلان ڪيو وڃي. بيان ۾ چيو ويو ته کدڙن فقيرن جو احترام ۽ تحفظ هڪ اخلاقي ذميواري به آهي، جنهن لاءِ رياست کي پنهنجي ڪردار کي يقيني بڻائڻو آهي.