صحت ۽ اسان جا خواب

تحرير: شازيه مظهر

ڊاڪٽر سلمان کي اوچتو ڇا ٿيو؟ ٻڌو آھي ته ڪالهه رات دل جي دوري سبب فوت ٿي ويو!  فيصل ڪلينڪ ۾ داخل ٿيندي ڳڻتي وچان سھيل کان پڇڻ لڳو "ھا يار فيصل، مونکي به سوشل ميڊيا ذريعي خبر پئي ته رات تائين چڱو ڀلو هو. فيملي سان گڏ ڪنھن ريسٽورنٽ ۾ ماني کائي گھر موٽيو ته ساهه ۾ مونجھه جي شڪايت ڪيائين. گھر وارن سمجھيو ته گئس جي شڪايت ٿي اٿس، سو سوڍا ٺاھي ڏنائونس پر تڪليف گھٽ نه ٿي پوءِ سيني تي بار محسوس ڪرڻ لڳو. پاڻ ڊاڪٽر ھيو سو سمجھي ويو ته معاملو ڪو ٻيو آھي. گھر وارن کي چيائين ته اسپتال وٺي ھلو. پر رستي ۾ ئي دم ڏنائين.

بس اھا آھي زندگي. وڏا خواب ھيس. ايف سي پي ايس کانپوءِ سوچي پيو ته اسپيشيلائيزيش لاءِ ولائت ويندو. پوءِ ڪراچي ۾ پنھنجي وڏي پرائيويٽ ڪلينڪ کوليندو، سڀ خواب اڻپورا رھجي ويس. انسان سوچي ڇا ٿو ۽ ٿئي ڇا ٿو. سهيل ڏکارو ٿي سڄي ڳالهه فيصل کي ٻڌائي.  توکي ياد ھوندو سھيل منھنجي سوٽ سيما پي ايچ ڊي لاءِ سوئٽزرلينڊ ۾ اپلاءِ ڪيو ھو. داخلا به ٿي ويس اتي. اها تمام گھڻي خوش ھئي. پنهنجي گهروارن سان گڏ وڃڻ جي تياري ڪري رهي ھئي پر  اوچتو ڇاتي جي ڪينسر جھڙي موزي مرض ۾ مبتلا ٿي وئي. ڪينسر به آخري اسٽيج تي ظاھر ٿيس. نيٺ زندگي جي جنگ ھارائي وئي. موت کٽي ويو، خواب ٽٽي ويس.  ھا دوست ھي توھان جي خاندان جي ھڪ وڏي ٽريجڊي ھئي. الله اسان سڀنن کي اھڙن واقعن کان پنهنجي پناه ۾ رکي ۽ اسان جا خواب ساڀيان ماڻڻ. خواب وڏا قيمتي ھوندا آھن. "خواب قيمتي ھوندا آھن” ڇا ته جملو چيو آھي تو سويل.

او چاچا سائين توهان ڪڏھن آيو؟  اسان پنھنجي ڳالهين ۾ ايترا ته محو ھئاسين جو توھان جي اچڻ جي خبر ئي نه پئي. ھا بس هينئر ئي آيو آھيان. توھان جون ڳالهيون ٻڌي ڏک ٿيو. ڊاڪٽر سلمان واقعي ھڪ بھترين ڊاڪٽر ۽ سٺو انسان پڻ ھيو. اڃان مس ۴۰ ورهين جو ٿيو ھيو. ھي عمر وڃڻ جي نه ھيس پر مار پوي شل موت کي جيڪي جوان مڙس به کنيو وڃي. جي چاچا سائين ڇا ڪجي . سھيل ٿڌو ساهه ڀري اداس ٿي ويو.  پر سهيل تو ھڪ تمام سٺي ڳالهه ڪئي ته خواب وڏا قيمتي ھوندا آھن. توکي شايد ھن جملي جي اھميت جي ايتري خبر نه ھجي پر ھن جملي ۾ وڏو فلسفو لڪل آهي.  فلسفو ھو وري ڪھڙو چاچا سائين.؟  ڏس ھي خواب ئي ته آھن جيڪي زندگي کي جيئڻ جو اتساهه پيدا ڪندا آهن. اسان ۾ جيئن جو جذبو پيدا ڪندا آهن. اڳتي وڌڻ جو حوصلو پيدا ڪندا آهن. پر ڇا اسان پنھنجي خوابن جي ساڀيان لاءِ تياري به ڪندا آھيون؟ ڇا اسان خوابن کي ماڻڻ جي رڳو طلب رکون ٿا يا انهن کي ماڻڻ جي لاءِ جاکوڙ ڪرڻ سان گڏ پنهنجي صحت جو خيال به رکون ٿا.ھا چاچا سائين بلڪل جاکوڙ ڪريون ٿا. ڏسو نه! ڊاڪٽر سلمان پنهنجي خوابن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪيتري محنت ڪئي، پر افسوس! ھن جي زندگي ھن جو ساٿ نه ڏنو. سيما ڏينھن رات پڙھندي ھئي، اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ  مختلف ملڪن ۾  درخواستون ڏيندي رھي پر  ڪينسر جھڙي مرض هن جي خوابن کي ٽوڙي ڇڏيو.

چاچا سائين ھي سڀ ٻڌي وراڻيو ته "ھا بلڪل ان ۾ ڪو به شڪ ڪونھي ته اسان محنت ڪريون ٿا، پنھنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪريون ٿا پر ڇا اسان پنهنجي زندگيءَ جو خيال رکون ٿا؟  "چاچا سائين! زندگيءَ جو خيال اسان ڪئين ٿا رکي سگھون؟ موت ته برحق آهي. موت کي مات ڏيڻ اسان جي ھٿ ۾ ناھي. وري چاچا سائين چوڻ لڳو،ھا بلڪل،  اسان جو يقين آھي ته موت برحق آهي. پر آئون خوابن جي ساڀيان جي ڳالهه ڪري رھيو آھيان. اسان پنھنجا خواب اڻپورا ڪرڻ وارا پاڻ آھيون. اسان تمام گهڻي محنت ڪريون ٿا، صرف مقصد کي ماڻڻ جي لاءِ. اسان پنھنجو پاڻ کي محدود ڪري ڇڏيو آھي.  اسان مختلف رخن تي يا ملٽي ڊائيمنشل ٿي نٿا سوچون. ڪڏھن توهان سوچيو آهي ته اسان جي ذھني ۽ جسماني صحت، اسان جي خوابن کي حاصل ڪرڻ جي پھرين ڏاڪڻ آهي. اسان ھن ڏاڪڻ کي نظرانداز ڪري جبل تي ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون. جيڪڏھن اسان صحتمند ھونداسين ته زندگي جا سڀ ڪم ڪار چڱي طريقي سان ڪري سگھنداسين پر جيڪڏھن اندر ۾ پيڙا ھوندي ته منزل ڪٿي ملندي؟ چاچا سائين توهان صحيح ٿا چئو پر سيما کي ڏسو اچانڪ ڪينسر ٿيس ۽ آخري اسٽيج تي ظاھر ٿيس. ڊاڪٽر سلمان کي اوچتو دل جو دورو پيس. ھو ته ڊاڪٽر ھو، ڇا هو پنھنجو خيال نه رکندو ھوندو؟  فيصل چوڻ لڳو.

چاچا سائين سمجھاڻي جي انداز ۾ چوڻ لڳو ، ڏسو نوجوانو! توهان جي ڳالهه ۾ بيشڪ وزن آھي، پر ڪڏھن به طوفان اوچتو ناھي ايندو، مينھن ڪڏھن به اوچتو ناھي وسندو، ڪجهه نشانيون ضرور ظاھر ٿينديون آهن، جن کي اسان  افراتفري ۽ مقابلي جي ڊوڙ جي ڪري محسوس ئي ناھيون ڪندا. اسان پنھنجي صحت کي نظرانداز ڪري ويٺا آهيون ۽ جڏھن ته ھي سڀ کان اھم مامرو آهي . خواب زندگي آھن پر اسان پنھنجي لاپرواهي ۽ تڪڙ جي ڪري خوابن کي موت جي منھن ۾ وجھي رھيا آھيون جيڪڏھن سيما ميموگرافي، جيڪا ھر عورت کي ڇھن مھينن ۾ يا سال ۾ ھڪ دفعو ضرور ڪرائڻ گھرجي، ڪرائي ھا ۽ پنھنجي ڇاتي جو باقاعدگي سان چڪاس  ڪندي رھي ھا، جيڪو ھر عورت لاءِ ضروري آهي، ته ان جي ڇاتيءَ  جي ڪينسر جو علاج ٿي وڃي ها ڇاڪاڻ ته  ڪينسر اوچتو ناھي ٿيندو. هي ھڪ اھڙو مرض آھي جيڪو جسم ۾ ڪافي تبديليون آڻيندو آهي  پر اسان پنهنجي زندگي ۾ ايترا ته مصروف ھوندا آھيون، جو انھن ڳالهين تي غور ئي نه ڪندا آھيون ۽ ان کي هلڪو ڦلڪو مرض سمجھي، پنھنجو علاج پاڻ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون، جيڪو سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ عمل آهي. سيما ۾ به ضرور  تبديليون پيدا ٿيون ھونديون پر ھن هنن تبديلين تي  توجهه ئي نه ڏنو ھوندو ڇو جو ھن جو فوڪس صرف پي ايچ ڊي تي هيو ۽ ان لاءِهو هر وقت ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.  ايئن ئي ڊاڪٽر سلمان ٻاھران پڙھڻ جي چاهه ۾ ڏينھن رات ھڪ ڪري ڪڏھن ڪھڙي ڪلينڪ ته ڪڏھن وري ڪھڙي ڪلينڪ،  نه واڪ ڪرڻ نه کائڻ پيئڻ ۾ پرهيز ڪرڻ، بس هر وقت پئسو ڪمائڻ ۽ ٻاهر وڃڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو پر پنهنجي صحت تي توجهه نه ڏنئين. ڇا ھن ڪڏھن پنھنجو لپڊ پروفائيل ۽ شوگر ٽيسٽ ڪرايو يا اي ٽي ٽي ڪرائي؟ اسان سمجھندا آھيون ته ڊاڪٽر انھن ڳالهين جو وڏو خيال رکندا آھن، پر اصل ۾ ايئن ناھي ھوندو. مون اڪثر  ڊاڪٽرن کي صحت جي معاملي ۾ لاپرواهي ڪندي ڏٺو آهي. اسان جو ھڪ فيملي ڊاڪٽر برف وارو پاڻي پيئندو ھو، جڏھن ڪورونا ٿيس ته ڦڦر صفا ڪمزور ٿي ويس ۽ هو گذاري ويو. جڏھن ته اسان کي وري ڊاڪٽر چوندا آهن ته ٿڌو پاڻي نه پيو، سگريٽ نه پيئو، جڏھن ته پاڻ انهن ڳالهين تي عمل نه ڪندا آهن. ڊاڪٽر سلمان کي مون اڪثر سگريٽ پيئندي به ڏٺو هو. وزن ۾ به وڌيل ھيو. ھا مڃون ٿا ته زندگي ۽ موت جو مالڪ الله آھي، پر ھن پروردگار اسان کي عقل ڏنو آهي. زندگي گذارڻ جا پيمانا ڏنا آھن پر اسان اڳتي وڌڻ جي ڍور ۾ پنھنجي خوابن جي ساڀيا ماڻڻ کان پري ٿيندا پيا وڃون. اسان پنھنجي ٻارن ۾ به پنھنجا خواب ڳوليندا آهيون انھن کي سٺي تعليم ڏيندا آھيون پر ڇا اسان ٻارن کي جيڪو کارايون ٿا ھو صحت وارو کاڌو آهي. نه قطعي نه! ٻارن کي ننڍي هوندي کان ئي جنڪ فوڊز جو عادي ڪري ڇڏيو آھي، ھو گھر جي ماني کان ٻاھر جا برگر کائڻ وڌيڪ پسند ڪندا آهن. اسان جا ٻار فارمي ڪڪڙ کائڻ جا شوقين ٿي پيا آهن، جيڪي انھن جي ھارمونز تي وڏو اثر ڪن ٿيون. اسان فقط خواب ڏسڻ جا شوقين ٿي پيا آھيون ڄڻ ڪا فائٽر  فلم ھجي، جيڪي سڄي رات ننڊ خراب ڪري ڏسجي ۽ فائدو به ڪجهه نه، ڇو جو اسان ويڙهاڪ ته آھيون ڪونه. اھڙي ئي ريت خوابن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪ قسم جي جنگ جوٽي بيٺا آھيون، نه صحت جو خيال نه ننڊ جو خيال، بس ھڪ ئي مقصد آهي  ته ڦلاڻي ڊگري حاصل ڪرڻي آهي، ڦلاڻي ملڪ ۾ وڃڻو آھي، ڦلاڻي نوڪري حاصل ڪرڻي آهي. بس ڀڄڻ ۾ لڳا پيا آهيون. پنهنجي ذھني ۽ جسماني صحت وڃائي ويٺا آهيون. ھي صحت ڪيتري اهميت رکي ٿي، ھن ڳالهه کان واقف ئي ناھيون. نوجوانو! سڄو دارومدار اسان جي ذھن تي آھي. اسان جو صحت مند ذھن اسان جي دل ۽ معدي لاءِ تمام گھڻو اھم آھي. پر اسان جو ھن ڳالهه تي ڌيان ئي ناھي. ڌيان آھي ته بس خوابن جي ساڀيان تي، جيڪي صرف ھن صورت ۾ پورا ٿي سگھن ٿا، جڏھن اسان جي زندگي ھوندي ۽ زندگيءَ کي اوهان پاڻ پنھنجي غلط لائف اسٽائل جي ڪري وڃائي رھيا آھيو.  غلط پروپيگنڊائن تي يقين ڪري پنهنجي زندگي کي وڄايون پيا.  ٿوري سور جي ڪري پيناڊول ۽ ٻيون اھڙيون دوائون پنھنجي مرضيءَ سان کائڻ جي پنھنجي صحت خراب پيا ڪيون .موت جي سڀني رستن تي اسان پاڻ گامزن آھيون ۽ ڏوهه وري عزرائيل تي آهي.

واهه چاچا سائين واھ!  اوهان ته اسان کي جاڳائي ڇڏيو. فيصل جون ته ڄڻ اکيون کلي ويو ھجن. چوڻ لڳو، چاچا سائين سي ايس ايس جي تياري جي ڪري وڌيڪ ويھڪ ٿي ته منھنجوHBA1C1  بارڊر لائين تي پھچي ويو آهي. توھان جي ڳالهين مان اسان کي اھا ڄاڻ ملي آھي ته صحت وڏي نعمت آهي ۽ خواب وڏا قيمتي آھن، جن جي قيمت سٺي ۽ صحت مند زندگي آھي.ان ڪري اڄ اسان وچن ڪيون ٿا ته پھريان صحت پو۽ اسان جا خواب.

 تمام سٺو نوجوانو! بس هڪ ڳالهه ياد رکي ڇڏيو ته خوابن کي ساڀيان لاءِ پنهنجي صحت کي نظرانداز ناهي ڪرڻو. بهتر ۽ ڪامياب زندگي لاءِ صحتمند زندگي ضروري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.