وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ روانو

نيويارڪ (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف لنڊن کان نيويارڪ روانو ٿي ويو جتي هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو،پرڏيهي وزارت موجب وزيراعظم ڀارت جي قبضي هيٺ ڪشمير ۽ فلسطين بابت عالمي برادري کي اپيل ڪندو ته ڊگهي قبضي ۽ حق خوداراديت جي انڪار جا مسئلا حل ڪيا وڃن، يان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم علائقائي سلامتي بابت پاڪستان جو موقف پيش ڪندو، گڏوگڏ ماحولياتي تبديلي، دهشتگردي، اسلاموفوبيا ۽ پائيدار ترقي جهڙن عالمي معاملن تي به روشني وجهندو، يراعظم گڏيل قومن جي اجلاس دوران ڪيترين ئي اهم تقريبن ۾ شرڪت ڪندو، جن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان چونڊيل مسلم اڳواڻن جو اجلاس به شامل آهي.

  1. ڪورنگي ۾ سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ واري ڪيس ۾ اڳڀرائي رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس حسن اڪبر تي ٻڌل بئنچ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ سرڪاري زمين جي غيرقانوني الاٽمينٽ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت نيب کي جاچ جاري رکڻ جي هدايت ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي. نيب جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته 2003 ۾ آفيسرن جي ملي ڀڳت سان 200 ايڪڙ زمين جعلي طريقي سان الاٽ ڪئي وئي، جيڪا رد ڪئي وئي آهي، جڏهن ته خانگي ماڻهن زمين پنهنجي نالي تي رجسٽر ڪرائي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.