جيڪب آباد ڀرسان جوابدار هٿان ڪارنهن الزام هيٺ زال ۽ نوجوان قتل

جيڪب آباد (ڊ ر) جيڪب آباد ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، جيڪب آباد جي بقا محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميوو جکراڻي ۾ جوابدار مڙس سوغات عرف محمد حسن گلواڻي جکراڻي پنهنجي زال مسمات شاھده کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ کان پوءِ اوطاق تي ويٺل نوجوان اسرار گلواڻي جکراڻي کي سڏي گوليون هنيون جوابدار ٻٽو قتل ڪرڻ کان پوءِ آساني سان فرار ٿي ويا اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي کڻائي اسپتال پهچايا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو اسپتال ۾ موجود مقتول نوجوان اسرار جکراڻي جي چاچي ٻڌايو ته اسان جي نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي اوطاق تي اچي نوجوان کي سڏي قتل ڪيو ويو آهي، هاڻي ڪارنهن جا الزام لڳايا پيا وڃن، هن ايس ايس پي کان گهر ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي نوجوان جي قتل ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، پوليس ٻڌايو ته اطلاع مليا آهن ته جوابدار سوغات عرف محمد حسن گلواڻي پنهنجي ساٿين سان ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل ڪيو آهي لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، وڌيڪ معاملي جو جاچ ڪري رهيا آهيون جيڪي قتل ۾ ملوث جوابدار هوندا انهن خلاف سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.