ڪراچي (رپورٽر) موسيقيءَ جي استادن جي نوڪري جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ فنڪارن پنهنجي نوڪرين جي آرڊر وٺڻ جي مطالبي جي لاءِ ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران پنهنجي 6 ڏينهن احتجاجي ڪئمپ جاري رکي، جن سان سهڪار لاءِ صوفي راڳي مانجھي فقير، ڪلاسيڪل ناچڻي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻ شيما ڪرماني سميت ٻين فنڪارن، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ ۽ ٻين سول سوسائٽي جي ڪارڪنن ڪئمپ ۾ فنڪارن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. جنهن بعد احتجاج ڪندڙ موسيقي جي نوڪرين جي اميدوارن وزير اعليٰ هائوس وڃڻ لاءِ پنهنجو مارچ شرو ع ڪيو ،جن کي پوليس رستي تي ئي روڪي ڇڏيو، ان دوران پوليس ۽ ميوزڪ استادن ۾ چڪريون شروع ٿيون ، پوليس سي ايم ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ چاليهه ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو،احتجاج ڪندڙ فنڪارن ڪندڙن چيو ته کين اڃان تائين نوڪرين جا آرڊر جاري ناهن ڪيا ويا، جنهن سبب بيچيني وڌي رهي آهي، تنهنڪري ترت ميوزڪ ٽيچرز کي جوائننگ آرڊر ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي، احتجاج ۾ سموري سنڌ مان راڳين ۽ ميوزڪ ٽيچرس شرڪت ڪئي. ميوزڪ ٽيچرس جو چوڻ آهي ته کين آفر آرڊر ڏيڻ باوجود تعليم کاتي پاران عدالتي حڪمن جو جواز ڄاڻائي جوائننگ نٿي ڏني وڃي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. احتجاجي ڪئمپ تي موجود شيما ڪرماني، مانجھي فقير ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت شاھ لطيف جو رسالو ۽ تنبورو کڻي احتجاج ڪندڙ راڳين جي مطالبن تي ڪو به ڌيان نه ٿي ڏئي، کين گرفتار ڪندي شاهه جي رسائي ۽ تنبوري جي پوليس هٿان بي حرمتي ڪرائي رهي آهي. هنن چيو ته صوبائي وزير سردار شاهه پاڻ کي ادب، موسيقي ۽ فنڪار دشمن ثابت ڪري ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت موسيقيءَ جي استادي جو امتحان پاس ڪندڙ فنڪارن کي فوري طور نوڪرين جا حڪم نامه جاري ڪرڻ گهرجن. ٻي طرف شام جو دير سان گرفتار فنڪارن کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه وڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ميوزڪ ۽ آرٽ ٽيچرس جي ڀرتي لاءِ ساڍا ست سئو سيٽون مختص ڪري ٽيسٽ ڪرائي هئي، جنهن ۾ 319 اميدوار پاس ٿيا ۽ کين آفر آرڊر ڏنا ويا، پر فروغ نسيم ڀرتين کي عدالت ۾ چيلينج ڪيو. سردار شاهه چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تحت ڀرتين جا ٻيهر اشتهار ڏيڻا پوندا، اهڙي صورتحال ۾ حڪومت ڀرتي نٿي ڪري سگهي، اميدوار عدالت ۾ اپيل ڪن يا ٻيهر ٽيسٽ ڏين.