ميوزڪ ٽيچر دھشتگرد يا ڏوھاري ناھن، مهذب ملڪن ۾ احتجاج ڪندڙن جا مسئلا حل ٿيندا آهن: اياز لطيف

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪراچي ۾ ميوزڪ ٽيچرز تي پوليس تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ڪندي چيو آھي ته جمھوريت جي نالي ۾ آمريت قائم آھي. ميوزڪ ٽيچرز ڪيترن ئي ڏينھن کان سراپا احتجاج آھن، سنڌ حڪومت کي استادن سان ڳالھيون ڪري انھن کي آفر آرڊر ڏيڻ گھرجن ھا. ميوزڪ ٽيچرز دھشتگرد يا ڏوھاري ناھن. سنڌ حڪومت منشيات فروشن ۽ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، ھٿين خالي ميوزڪ ٽيچرز تي دشمن ٿي ڪڙڪي آھي. مھذب ملڪن ۾ احتجاج ڪندڙ ماڻھن سان ڳالھيون ڪيون وينديون آھن، انھن جا مسئلا حل ڪيا ويندا آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.