صحافي امتياز مير اسپتال ۾ علاج هيٺ، وڏي وزير حملي جو نوٽيس ورتو

ڪراچي(رپورٽر) ملير جي ڪالا بورڊ واري علائقي ۾ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي گاڏي تي فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل خانگي ٽي وي چينل جو اينڪر پرسن امتياز مير اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب موٽر سائيڪل سوار جوابدارن فائرنگ ڪري نشانو بڻايو ۽ فرار ٿي ويا. فائرنگ ڪندڙ ٻن جوابدارن ۾ هڪ عورت ٻڌائي وڃي ٿي موٽر سائيڪلتي عورت ۽ مرد امتياز مير کي نشانو بڻايو ۽ فرار ٿي ويا. فائرنگ امتياز مير جي ڪار تي ڪئي وئي، سينيئر اينڪر امتياز مير کي سيني ۽ منهن ۾ گوليون لڳيون. مليل ڄاڻ موجب آپريشن کانپوءِ امتياز مير اَڃا  آءِ سي يو ۾ آهي ۽ ڊاڪٽرن مُطابق ھُن لاءِ ايندڙ 72 ڪلاڪ تمام اَھم آھن. پوليس موجب واقعو ذاتي تڪرار جو نتيجو لڳي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ملير جي علائقي ڪالا بورڊ وٽ اينڪر پرسن امتياز مير تي ٿيل قاتلاڻي حملي جو نوٽيس ورتو آهي. سعودآباد ٿاڻي حد ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ امتياز مير کي ٻن گولين جا زخم لڳا، جن مان هڪ سندس منهن تي لڳي. سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان عبدالرشيد چني موجب وڏي وزير مراد علي شاهه صحافي امتیاز مير تي حملي جوسنجيدگي سان ورتو آهي ۽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمن کان فوري رپورٽ طلب ڪئي آهي. ٻئي طرف سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار به حملي جي مذمت ڪندي جوابدارن جي ترت گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي .

  1. امتياز مير تي حملي جي مذمت، صحافين کي تحفظ ڏيو: صنعان قريشي

ڪراچي(پ ر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ جيئي سنڌ قوم پرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ دودو ديشي صحافي امتياز مير تي حملي جي مذمت ڪئي آهي. صنعان قريشي  مرڪزي پڌرائي ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ صحافين کي نشانو بڻايو پيو وڃي. سکر ۾ صحافي جان محمد مهر، گهوٽڪي ۾ نصرالله گڏاڻي کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو ويو، رات ڪراچي جي روڊن تي سينيئر صحافي ۽ اينڪرپرسن مير امتياز مير تي حملو ڪيو ويو آهي، جنهن جي مذمت ڪندي گُهر ڪجي ٿي ته حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. جيئي سنڌ قومپرست پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ دودو ديشي ڪراچيءَ جي سَرگرم صَحافي, اينڪر پرسن امتياز مير تي قاتلاڻي حملي جي سَخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. اسان جيئي سنڌ قومپرست پارٽي طرفان ھِن واقعي جي سَخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، ۽ حُڪومت کان گُھر ڪريون ٿا ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري حملي جي سازش کي وائکو ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.