ڪراچي ۾ مليريا جا ٻه هزار کان وڌيڪ ڪيس ظاهر، ملير وڌيڪ متاثر

 ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ هلندڙ سال مليريا جا 2 هزار 242 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جڏهن ته انگ وڌيڪ هجڻ جو خدشو آهي. سنڌ جي صحت کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪراچي مان هن سال مليريا جا 2,242 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ترجمان موجب ضلعي ملير مان جون تائين 205 ۽ 21 سيپٽمبر تائين مجموعي طور 649 مليريا جا ڪيس رپورٽٿيا، جيڪي ڪراچي جي سڀني ضلعن مان سڀ کان وڌيڪ آهن. صوبائي صحت کاتي مطابق،سنڌ ۾ هلندڙ سال 1 لک 62 هزار 91 مليريا جا ڪيس سامهون آيا آهن. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته برساتن کان پوءِ ملير ۾ سڀ کان وڌيڪ مليريا جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن ۽ برسات کان پوءِ  ملير ۾ مليريا جي ڪيسن ۾ لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو واڌ ٿي آهي .

  1. ڪراچي ۾ مڇر مار ڦوهارو ڪندڙ صرف 18 ملازم، پگهارون به بند

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ ڊينگي ۽ مليريا جهڙين خطرناڪ بيمارين جي روڪٿام لاءِ اسپري لاءِ صرف 8 ملازم رکيل آهن، جن کي به 8 مهينن کان پگهارون ناهن مليون. شهر جي اڍائي کان ٽي  ڪروڙ آبادي لاءِ صرف 18 اسپري ملازم مقرر آهن ذريعن مطابق ڊينگي ڪنٽرول پروگرام100 کان وڌيڪ آساميون خالي پيل آهن،جڏهن ته موجوده عملي کي گذريل 8 سالن کان پڪو به نه ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب، 2021 ۾ پروگرام جي هيڊ آفيس ڪراچي مان حيدرآباد منتقل ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ اسپري مهم لڳ ڀڳ غير فعال ٿي وئي آهي.  هن وقت هر ضلعي ۾ رڳو 2 يا 3 ملازم موجود آهن، جيڪي ناڪافي آهن. متاثر ملازمن جو چوڻ آهي ته سياستدانن جي اثر رسوخ وارن آفيسرن جي گهرن تي باقاعده اسپري ٿئي ٿو، جڏهن ته عام شهرين کي بي يار و مددگار ڇڏيو ويو آهي. ٻئي پاسي ويڪٽر بون ڊائزيز پروگرام لاءِ 2024-25 جي بجيٽ ۾ 67.349 ملين رپيا رکيا ويا آهن، جنهن مان 16.66 ملين رپيا اسپري ۽ 14.5 ملين رپيا دوائن لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن، ان باوجود، شهر جي ڪنهن به ضلعي ۾ اسپري شروع نه ٿي سگهي آهي. ڊاڪٽرن موجب چوماسي برساتن کان پوءِ خاص طور تي سيپٽمبر کان ڊسمبر تائين ڊينگي ۽ مليريا جا ڪيس تيزي سان وڌن ٿا. ملازمن جو مطالبو آهي ته اسپري مهم کي فوري طور تي بحال ڪيو وڃي، خالي جايون ڀريون وڃن ۽ سندن پگهارون جاري ڪيون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.