سپريم ڪورٽ مان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن جون درخواستون اعتراض لڳائي واپس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پنجن ججن جون درخواستون اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏيون، ذريعن موجب، رجسٽرار آفيس جو چوڻ آهي ته ججن جي درخواستن ۾ ڪوبه واضع عوامي مفاد جو سوال بيان نه ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي اهو ٻڌايو ويو ته ڪهڙا بنيادي حق متاثر ٿيا آهن جو آرٽيڪل 184(3) جو دائرو استعمال ٿئي، اعتراض ۾ چيو ويو ته ججن درخواستون ذاتي رنجشن جي بنياد تي داخل ڪيون، جڏهن ته سپريم ڪورٽ اڳ ۾ واضح ڪري چڪي آهي ته ذاتي رنجش تي آرٽيڪل 184(3) هيٺ درخواست نٿي ٿي سگهي. وڌيڪ چيو ويو ته درخواستن ۾ ججن آئيني درخواست داخل ڪرڻ جو پڪو سبب بيان نه ڪيو ۽ نه ئي نوٽيسز جي لاءِ ڌرين جي وضاحت ڪئي، ، واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني، جسٽس بابر ستار، جسٽس طارق محمود جهانگيري، جسٽس ثمن رفعت امتياز ۽ جسٽس اعجاز اسحاق خان سپريم ڪورٽ ۾ الڳ الڳ درخواستون داخل ڪيون هيون، انهن ۾ مؤقف اختيار ڪيو ويو ته هاءِ ڪورٽ جي ججن جي عدالتي اختيارن کي انتظامي اختيارن سان گهٽائڻ يا مٿانهون ڪرڻ غير آئيني آهي، ججن جو چوڻ هو ته بينچ ٺاهڻ، ڪيس منتقل ڪرڻ ۽ فهرست جاري ڪرڻ صرف انهن قاعدن جي تحت ٿي سگهي ٿو جيڪي سڀني ججن جي منظوري سان ٺهندا آهن، جڏهن ته انتظامي ڪميٽين ذريعي ڪيل قدم غير قانوني آهن، عدالت کان استدعا ڪئي وئي ته انهن ڪميٽين ۽ نوٽيفڪيشن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.