حيدرآباد ۾ پوليو جو نئون ڪيس ظاھر

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ پوليو جو  نئون ڪيس ظاھر، حيدرآباد جي ٽي ايم سي پريٽ آباد جي يوسي 47 ۾ پوليو جو ڪيس ظاھر ٿيو آھي، حيدرآباد ۾ 2025 ۾ پوليو جو پھريون ڪيس، سنڌ ۾ 7 ۽ ملڪ ۾ ڪيسن جو انگ 27 ٿي ويو.  صحت واري قومي اداري طرفان ضلعي حيدرآباد ۾ پوليو جي هڪ ڪيس جي تصديق ڪئي وئي آهي، جنهن بعد پاڪستان ۾ 2025ع دوران پوليو ڪيسن جو انگ 27 ٿي ويو آهي. انهن مان 7 ڪيس سنڌ، 18 خيبرپختونخوا ۽ هڪ هڪ ڪيس پنجاب ۽ گلگت بلتستان مان رپورٽ ٿيا آهن.  صحت کاتي جي  قومي اداري (NIH) اسلام آباد جي ريجنل ريفرنس ليبارٽري پاران ڪيس جي تصديق ڪئي وئي آهي، پر ٻارڙي بابت اڃان تفصيل ملي نه سگهيا آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.