ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٽائون چيئرمين چنيسر خلاف سرڪاري ملازمن تي تشدد جي ڪيس ۾ فرحان غني کي ڪهڙي سيڪشن تحت آزاد ڪيو ويو، رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. سرڪاري ملازم تي تشدد جي ڪيس ۾ فرحان غني ۽ ٻيا جوابدار ۽ وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا، جنهن دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪيترن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا ۽ ڪڏهن ڪيا ويا. جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته 24 آگسٽ تي ٻن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا هئا، جنهن تي عدالت رمارڪس ڏنا ته شاهدن جي بيانن موجب سرڪاري ڪم روڪيو ويو هو. وڪيل صفائي وچ ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي عدالت چيو، صبر ڪريو، توهان کي موقعو ڏنو ويندو. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا دهشتگردي جي ڪيسن ۾ جاچ دوران جوابدار جي آزادي لاڳو ٿئي ٿي؟ اهو سيڪشن ڪٿي آهي جنهن تحت جوابدارن کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو ۽ عدالت ۾ درخواست جمع ڪرائي وئي اها ڪٿي آهي؟ فاضل جج چيو ته فريادي جي وڪيلن کي عدالت ۾ قانون پيش ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪم جاري هو ته توهان کي پهريان نوٽيس ڏيڻ گهرجي ها. وڪيل صفائي چيو ته جيڪڏهن ڪو روڊن، گهٽين ۽ فوٽ پاٿن کي نقصان پهچائي رهيو آهي ته اهي انهن کي روڪيندا. جڏهن جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو هو ته هو نوٽيس ڪيئن جاري ڪري ها؟ جيڪڏهن عدالت چاهي ته دهشتگردي جي قلمن کي منظور ڪري سگهي ٿي يا ڪارروائي ڪري سگهي ٿي. ان تي عدالت رمارڪس ڏنا ته، توهان جذباتي ٿي رهيا آهيو. توهان ڪهڙي سيڪشن تحت ريمانڊ ڏنو؟ مان به ڪجهه سکڻ چاهيان ٿو، اسان قانون موجب ريمانڊ ڏنو، هي قانون آهي. وڪيل صفائي عدالت کي ٻڌايو ته جيڪڏهن سيڪشن 497 تحت درخواست منظور نٿي ٿئي ته دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڇڏيو، جنهن تي عدالت چيو ته، توهان کي سيڪشن 164 تحت فريادي جو بيان رڪارڊ ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي آڻڻ گهرجي. جنهن تي وڪيل صفائي چيو ته، سر، ڇا هي ڪو تمام اهم ڪيس آهي جو ايترا تفصيل ڏٺا پيا وڃن؟ سرڪاري وڪيل چيو ته ڪيس جي شفاف جاچ ڪئي وئي آهي، سرڪاري ڪم ٿي رهيو هو پر ڪا به دهشتگردي نه ٿي، هن ڪيس ۾ دهشتگردي جي خاتمي جو خاص قانون لاڳو نه ٿيندو، هي اي ٽي سي ڪيس نه ٿو بڻجي، اسان درخواست ڏئي ڇڏيون ٿا. عدالت جاچ آفيسر کان پڇيو ته هن وقت تائين ڪيترا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته ٻن شاهدن جا بيان ورتا ويا ۽ پوءِ ٺاهه ٿي ويو. عدالت چيو ته دهشتگردي جي خاتمي واري قانون ۾ ٺاهه جي گنجائش ناهي، ڪهڙي قانون تحت فريادي جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو. عدالت جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پڇيو ته، ڇا توهان قانون پڙهيو آهي يا نه؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته، مان فريادي جو بيان نه پيو ڏسان، مان ثبوتن جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. جج چيو ته اسان ايندڙ ٻڌڻي تي فريادي کي طلب ڪري وٺون ٿا، جنهن تي فريادي جي وڪيل چيو ته سندس موڪل جو واسطو حساس اداري سان آهي، فريادي بدران شاهدن کي عدالت ۾ پيش ڪري وٺون ٿا. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 30 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ شاهدن کي طلب ڪري ورتو.