جج ۽ وڪيل ڪم ڇو نٿا ڪرڻ چاهين؟ پاڻ تي شرم ٿو اچي: جسٽس محسن ڪياني

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران سخت ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ ريمارڪس ڏنا ته ججز ۽ وڪيل ڪم ڇو نٿا ڪرڻ چاهين، منهنجي دل چوي ٿي ته ڪورٽ مٿان ئي ڏنڊ هڻي ڇڏيان، پنهنجو پاڻ تي شرم اچي ٿو، ڪمپني رجسٽرڊ ڪرڻ بابت ايس اي سي پي خلاف ڪيس ۾ درخواست گذار جي وڪيل پاران التوا وٺڻ تي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته افسوس آهي، جڏهن ڪو وڪيل اچي تاريخ وٺي ٿو، هن ڪيس ۾ 20 تاريخون ٿي چڪيون آهن، هڪ ٻئي ڪيس ۾ جيڪو ميمبر بورڊ آف ريونيو جي فيصلي خلاف هو، ان ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني وڪيل کي چيو ته پنهنجو ڪيس سول ڪورٽ کڻي وڃو، ڇو⁠ ته سول ڪورٽ جو دائرو اختيار وڏو آهي، سول جج ڊي سي کي توهين عدالت جو نوٽيس ڏئي سگهي ٿو، هن چيو ته وڪيل جو ڪم آهي جج کي ٻڪري مان شينهن بڻائڻ، جيڪڏهن ڪو جج ڪمزور هجي ته وڪيل ان کي مضبوط بڻائي، صحيح جج مقرر ٿيندا ته هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ تائين حالتون بهتر ٿي وينديون، اسلام آباد ۾ ليبر انسپيڪٽرز جي خالي پيل پوسٽن تي پڻ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته اسلام آباد ۾ ليبر انسپيڪٽرز جون 4 پوسٽون اڃا تائين خالي پيل آهن، ماڻهو روزگار لاءِ تڙپجن پيا ۽ هتي پوسٽون خالي پيون آهن، پر توهان ڀرتيون ئي نٿا ڪريو، جڏهن ته لور ڊويزن ڪلرڪ کي سينيئرز کي نظرانداز ڪري ليبر انسپيڪٽر ۽ پوءِ ليبر آفيسر پروموشن ڏيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ريمارڪس ڏيندي هن چيو ته 8 سينيئرز کي سپرسيڊ ڪري هڪ شخص کي پروموشن ڏنو ويو، جڏهن ته اهڙا غلط ڪم آفسرن لاءِ به دفاع ڪرڻ مشڪل هوندا آهن، ٻڌڻي ۾ درخواستگذار جو وڪيل رياض حنيف راهي پيش ٿيو، وفاق جي نمائندگي اسسٽنٽ اٽارني جنرل عثمان گھمن ۽ اسٽيٽ ڪائونسل ملڪ عبدالرحمان ڪئي، جسٽس محسن اختر ڪياني چيو ته سي ڊي اي چيئرمين ۽ چيف ڪمشنر جا عهدا هڪ شخص وٽ گڏ نه هجڻ گهرجن پر لڳي ٿو ته چيف ڪمشنر کي چيئرمين سيٽ وڌيڪ پسند آهي،  اسلام آباد ۾ ليبر انسپيڪٽرز جون 4 پوسٽون اڃا تائين خالي آهن، عدالت سوال ڪيو ته ڇا ايئن ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ پروموشن نه ملي ۽ اسلام آباد اچي ملي وڃي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.