پنجاب مان جيئن جيئن پاڻي لهي رهيو آهي، تيئن تيئن تباهيءَ جا دل ڏاريندڙ منظر سامهون اچي رهيا آهن، پر ڪنٽرول ڪيل ميڊيا تي حقيقت ڏيکارڻ بجاءِ رڳو اها خبر ڏني پئي وڃي ته فلاڻي فلاڻي هنڌ ڪيمپ لڳي ويا آهن، جتي سيلاب متاثرن کي رکيو ويو آهي ۽ مريم نواز جي تصوير واري سٺي پيڪنگ ۾ چپس ۽ جوس وجهي ورهايا پيا وڃن. ڪٿي وري ساڳي پيڪنگ ۾ ڇهه ڇهه مانيون وڌيون وڃن ٿيون. پر حقيقت اها آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن ٻه لک رپيا ڏئي پرائيويٽ ٻيڙيون ڪرائي ٻارن کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن ته وري ٻيا ماڻهو پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي بي يار و مددگار ڪيمپن ۾ ويٺا آهن. هڪ صحافي دوست جي چوڻ موجب جتي جتي به ٻوڏ ڪوريج لاءِ ويو، اتي سرڪاري ٽِڪ ٽاڪرز جو ميڙ گڏ هو، ڇاڪاڻ ته حڪومت سوشل ميڊيا تي پنهنجي جنگ کٽڻ لاءِ بي پناهه بجيٽ خرچ ڪري رهي آهي ۽ انهن يوٽيوب وارن وسيلي اهو ڏيکاريو پيو وڃي ته سڀ ٺيڪ آهي.
مرڪزي حڪومت کان ماڻهن کي وڏي اميد هئي ته وزيراعظم اهڙي سخت حالت ۾ متاثرن لاءِ ڪي وڏا رليف پيڪيجز جو اعلان ڪندو، پر جڏهن اعلان ٿيو ته پهرين چيو ويو ته آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ڪري بجلي جا بل معاف ڪرايا ويندا، پوءِ ٻڌايو ويو ته متاثر علائقن ۾ آگسٽ جا بجلي جا بل معاف ڪيا ويا آهن. حيرت آهي، جتي آگسٽ کان پاڻي بيٺو آهي، اتي ماڻهو رهيا ئي ڪونه آهن ته اتي بجلي ڪهڙي استعمال ٿي هوندي ۽ ڪهڙي بل جي معافي؟ پاڻي ۾ ٻڏل ڳوٺن ۾ ڇا بجلي هلي رهي هئي؟ عوام کي بيوقوف سمجهڻ ڇڏي ڏيو، ڇا عوام اوهان کي ايترو نادان نظر اچي ٿو جو اهڙين هلڪين ڳالهن ۾ اچي ويندو؟ ٻوڏ متاثرن جا مسئلا ڇهه مانيون يا تصوير وارو ٿيلهو نه آهن. هڪ مهيني لاءِ بجلي فري ڪرڻ جهڙا ڊراما پنهنجو مذاق بڻائڻ برابر آهن. ڳوٺن ۾ ته گهريلو بل ٻه ٽي سو يا ڇڪي تاڻي هڪ هزار رپيا ايندو آهي، ان جي معافي سان ڪهڙو وڏو رليف ملندو؟ جيڪڏهن واقعي ڪجهه ڪرڻو آهي ته ٽيوب ويلن جا بل معاف ڪريو، مئي، جون، جولاءِ جا، جڏهن پوکي لاءِ ٽيوب ويل هلايا ويا. جيڪڏهن رليف ڏيڻو ئي اٿو ته ڀاڻ ۽ ٻج تي سبسڊي ڏيو، ڍل معاف ڪريو. پر خبر آهي ته ائين نه ٿيندو، ڇوته ڀاڻ جون فيڪٽرين به سياستدانن جون ئي آهن، اهي پنهنجو نقصان ڪڏهن نه ڪندا. چڱو، مڃون ٿا ته ملڪ مقروض آهي، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ بجيٽ ٺاهين ٿا. پر ڇا حڪومت غيرترقياتي خرچ گهٽايا آهن؟ پنهنجون عياشيون روڪيون آهن؟ ڪيمپ آفيسون بند ڪيون آهن؟ غير ملڪي دورا ملتوي ڪيا آهن؟ ڪرائي وارن بجلي گهرن کي ادائيگيون بند ڪيون آهن؟ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جون پگهارون گهٽايون آهن؟ ججن جون 15 لک ماهوار پگهارون روڪيون آهن؟ نه! پر متاثرن لاءِ رليف جو اعلان رڳو اٺ جي وات ۾ زيرو بڻجي ويو.اصل ضرورت اها آهي ته ٻوڏ بابت هڪ ٿنڪ ٽينڪ جوڙي وڃي، جنهن ۾ انهن علائقن جا چونڊيل نمائندا شامل هجن، جيئن قصور، حافظ آباد، جھنگ، چنيوٽ، بهاولپور وغيره مان. ڇاڪاڻ ته حڪمران پاڻ شوگر ملن وارا آهن، کين خبر ڪانهي ته ڪنهن هاري يا زميندار جي ڪيتري زمين ٻڏي وئي آهي ۽ ڪيترا فصل تباهه ٿيا آهن. اڄ جو اصل سفيد پوش ته اهو ئي زميندار آهي، جيڪو ڪنهن کان مدد گهرڻ لاءِ هٿ نٿو ڦهلائي. جيڪڏهن اوهان واقعي ڪجهه ڪرڻ چاهيو ٿا ته متاثرن کي بنا وياج جي قرض ڏيو، جيئن اوهان پاڻ بينڪن مان کربين قرض وٺي سگهو ٿا. جيڪڏهن اوهان مستقل طور ٻوڏ جي روڪٿام لاءِ بند نه ٺاهيندؤ ته ملڪ ناڪام رياست بڻجي ويندو. نوم چومسڪي جي ڪتاب ”ناڪام رياستون“ پڙهو، جنهن ۾ لکيل آهي ته دنيا ۾ غريب نه، پر ناڪام رياستون هونديون آهن. اهي پنهنجا وسيلا غلط منصوبا بندي ۽ ڪرپشن ۾ برباد ڪن ٿيون. وسيلا گهٽ نه، پر انهن جي استعمال ۾ تباهي هوندي آهي. چومسڪي اهو به چوندو آهي ته ماڻهن کي قابو ڪرڻ جو هڪ طريقو اهو آهي ته سندن ذهنن ۾ اهو ويهاريو وڃي ته اهي پنهنجي قسمت جا پاڻ ذميوار آهن ۽ پوءِ پاڻ کي سندن نجات ڏيندڙ بڻائي پيش ڪيو وڃي. لڳي ٿو ڄڻ چومسڪي اسان جي ئي حالتن جو احوال لکي ڇڏيو هجي. تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان وڏي تباهي ٿي آهي، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. پاڪستان ۾ ٻوڏ اچڻ نئين ڳالهه نه آهي، 1950ع واري ڏهاڪي کان بار بار اچي رهي آهي. ڀٽو دور ۾ هن جو قول مشهور هو ته جتي ٻوڏ ويندي، مان به اتان ويندس. ٽي سال اڳ 2022ع ۾ مها ٻوڏ آئي، جنهن لاءِ عالمي برادري کان جيڪا وڏي فنڊ مليي، اها پر اڌ ناقص منصوبا بندي ۽ اڌ ڪرپشن جي نذر ٿي وئي.
اڄ صدر آصف علي زرداري پنهنجي ٻارن سان گڏ چين جي دوري تي آهن، جتي هو ترقي جا حيرت انگيز ڪمال ڏسي رهيا آهن: تيز رفتار گاڏيون، جديد جهاز، صحرا ۾ پاڻي پهچائيندڙ واهه ۽ تحقيقاتي ادارا. چين ۾ ترقي ان ڪري ٿي جو اتي وسيلا سٺي منصوبا بندي سان استعمال ٿيا ۽ ڪرپشن کي پاڙ کان ختم ڪيو ويو. زرداري صاحب کي چيني ماهرن کان پڇڻ گهرجي ته سنڌ ۾ اڌ کان وڌيڪ آبادي غربت جي ليڪ هيٺ ڇو آهي؟ ڪراچي جهڙو شهر رهڻ لائق نه هجڻ ۾ ڇو پهريون نمبر آهي؟ اسان کي پڪ آهي ته جڏهن چيني دوستن کي خبر پوندي ته حڪمرانن وٽ پنهنجي توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ دولت جا انبار لڳل آهن ته هو پاڻ ئي سمجهي ويندا ته تباهيءَ جو سبب ڇا آهي. ان ڪري کليل دل سان ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪريو، ۽ چين کان به سکيو ته رياست ڪيئن پنهنجن ماڻهن کي آفتن کان بچائي ٿي ۽ ڪيئن متاثر علائقن جي بحالي ڪري ٿي.