گذريل مهيني جنگ بندي جي ڳالهين دوران حماس جي سياسي اڳواڻن کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ اسرائيل طرفان قطر تي ڪيل فضائي حملي جي ڪري، جنهن ۾ هڪ قطري سلامتي اهلڪار به مارجي ويو هو، سعودي عرب ۽ جوھري طاقت رکندڙ پاڪستان هڪ اسٽريٽجڪ ٻطرفي دفاعي ٺاھ Strategic Mutual Defense Agreement تي دستخط ڪئي آهي، جنهن سان نار يعني Gulf جي سلامتي جي جوڙجڪ ۾ هڪ وڏي تبديلي اچي وئي آهي. هي ٺاھ 17 سيپٽمبر 2025ع تي رياض ۾ المامه محل ۾ ٿيو جنھن موجب سعودي عرب ۽ پاڪستان مان ڪنهن به هڪ ملڪ خلاف ٿيندڙ جارحيت ٻنهي ملڪن تي حملو سمجهي ويندي، جيڪو نيٽو جي آرٽيڪل 5 جيان آهي. جيتوڻيڪ سعودي اهلڪار ان ڳالهه تي زور ڏئي رهيا آهن ته هي معاهدو صرف "طويل المدتي ۽ گهري تعاون کي ادارتي شڪل ڏيڻ” آهي ۽ ڪنهن مخصوص واقعي جو رد عمل نه آهي، پر وقت جي چونڊدوحا تي حملي کان صرف هڪ هفتو بعدان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿي ته ھي خطو آمريڪي تحفظ جي غير مستحڪم صورتحال کان بيزار ٿي چڪو آهي ۽ ان صورتحال ۾ نئون اتحاد ڳولي رهيو آهي.
هن ٺاھ جا اثر ٻطرفي لاڳاپن کان به ڳچ آهن، جن ۾ جوھري عدم ڦھلاءُ، علائقائي طاقت جو توازن ۽ عالمي جيوپوليٽڪس شامل آهن. سعودي عرب، آمريڪا جي اسرائيل جي قطر، جيڪو هڪ ٻيو آمريڪي اتحادي آهي جتي هڪ وڏو سينٽڪام (CENTCOM) اڏو موجود آهي، تي حملي کي روڪڻ ۾ ناڪامي تي حيران بلڪه خوفزده ٿي هاڻي کليل طور تي پنهنجي سلامتي جي ڀائيوارن ۾ ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پاڪستان، پنهنجي طرفان، ڀارت سان پنهنجي دائمي تڪرار منجھان هڪ طاقتور حامي حاصل ڪري ورتو آھي، جيتوڻيڪ تجزيه نگار هن ٺاھ کي سعودي بادشاهت جي لاءِ جوھري ڇٽي طور ڏسڻ يا سمجھڻ جي نفي ڪن ٿا. تاريخي افواهن جي باوجود ته سعودي عرب پاڻ مٿان ڪنھن به جنگ جي امڪاني خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ جوھري ھٿيارن تائين امڪاني رسائي حاصل ڪرڻ عيوض، پاڪستان جي جوھري پروگرام لاءِ مالي مدد ڏني هئي، پر ھن ٺاھ جي عام متن ۾ جوھري هٿيارن جو ڪو به ذڪر نه آهي، ۽ پاڪستاني اهلڪار مسلسل اھو موقف برقرار رکن ٿا ته انهن جو جوھري ذخيرو صرف ڀارتي اڳرائي روڪڻ تي مرڪوز آهي. هڪ سينيئر سعودي اهلڪار، جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا ھن ٺاھ ۾ سعودي عرب لاءِ جوھري ضمانتون شامل آهن، صرف هڪ مبهم جواب ڏنو ته "هي هڪ جامع دفاعي ٺاھ آهي، جنھن ۾ ھر قسم جو فوجي تعاون شامل آھن”.
ھن ٺاھ کانپوءِ علائقائي رد عمل فوري ۽ پيچيده رهيو آهي. ڀارت، جنهن مئي 2025ع ۾ پاڪستان تي هڪ ننڍي پر شديد جنگ مڙھي هئي، ھن ٺاھ ته محتاط رويو اختيار ڪندي، ڇيو آهي ته هو ھن ٺاھ جو "پنھنجي قومي سلامتي ۽ علائقائي ۽ عالمي استحڪام تي اثرن جو مطالعو ڪندو”. قابل ذڪر ڳالهه اها آهي ته سعودي عرب نئين دهلي کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته ڀارت سان ان جو لاڳاپو "پهرين کان وڌيڪ مضبوط آهي ۽ اهو وڌندو رهندو” جيڪو رياض جي ٻن جوھري حريفن جي وچ ۾ نازڪ توازن جي حڪمت عملي جي عڪاسي ڪري ٿو.
نار جي ئي ڪجهه علائقن ۾، ھن ٺاھ کي اسٽريٽجڪ خودمختياري جي طرف هڪ وڏي رجحان طور ڏٺو پيو وڃي. نار جي تعاون ڪائونسل Gulf Cooperation Council دوحا تي حملي کانپوءِ پنهنجي گڏيل دفاعي نظام کي فعال ڪرڻ جو عزم ڪيو هو، ۽ سعودي-پاڪستان ٺاھ خود انحصاري جي هن ڪوشش سان هم آهنگ آهي. قطر ۽ متحده عرب امارات جهڙين ننڍين رياستن لاءِ، ھي ٺاھ مستقبل ۾ ٻين مسلمان اڪثريتي فوجي طاقت رکندڙ ملڪن جھڙوڪ ترڪي يا مصر وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن لاءِ هڪ نمونو بڻجي سگهي ٿو.
ھن ٺاھ جي اھميت تي دفائي ۽ سلامتي جا ماهر پنھنجي تجزين ۾ واضح طور تي ورهايل آهن. ڪجهه مبصرن، جيئن اڳوڻي پاڪستاني سفير مليحه لوڌي، ان کي هڪ "واٽر شيڊ” لمحو قرار ڏئي رهيا آهن جنھن پاڪستان کي "مشرقي وچ اوڀر جو سلامتي فراهم ڪندڙ ملڪ” طور اجاگر ڪيو آھي. ٻين ، جيئن بيلفر سينٽر جي رابعه اختر، جو دليل آهي ته اهو ٺاھ موجوده لاڳاپن کي رسمي شڪل ڏئي ٿو نه ڪي هڪ نئين انقلابي وابستگي پيدا ڪري ٿو. 1960 جي ڏهاڪي کان، پاڪستاني فوجي سعودي عرب ۾ تربيت ۽ مشاورتي ڪردار ۾ مقرر رهيا آهن، ۽ موجوده اندازن جي مطابق انهن جو تعداد 1,500 کان 2,000 تائين آهي. ٻنهي ملڪن ڏهاڪن کان گڏيل فوجي مشقون ڪيون آهن، ۽ پاڪستان 1967ع کان 8,000 کان وڌيڪ سعودي فوجي اهلڪارن کي تربيت ڏني آهي. تنهنڪري، جيتوڻيڪ ٺاھ جي ٻولي جامع آهي، ان جو عملي اثر وڌيڪ علامتي ٿي سگهي ٿو مسلمان دنيا جي لاءِ ايڪتا جو اشارو ۽ مخالفين جي لاءِ خبرداري، نه ڪي خودڪار فوجي ڪارروائي.
ٺاھ تي دستخط ڏور رس جيوپوليٽيڪل تبديلين کي به ظاهر ڪري ٿو. جيئن جيئن آمريڪي ڌيان ٻين عالمي هنڌن ۽ اندروني سياسي ورڇن ڏانهن مرڪوز ٿي رهيو آهي، نار واريون رياستون واشنگٽن پاران سندن سلامتي برقرار رکڻ جي عزم تي سوال اٿاري رهيون آهن. دوحا تي حملو خاص طور تي پريشان ڪندڙ هو ڇو ته ان ۾ اڳواٽ اطلاع ڏيڻ جي هڪ اهم آمريڪي ڀائيوار کي نشانو بڻايو جيڪو اسرائيل تي آمريڪا جي اثر رثوخ جي سڪڙجندڙ حدن کي ظاهر ڪري ٿو. ان پسمنظر ۾ ھي ٺاھ غير يقيني صورتحال جي خلاف هڪ حفاظتي ڍال طور پيش ڪندي سعودي عرب پاران اهو اشارو ڏيڻ جو هڪ طريقو آهي ته ان وٽ متبادل آهن جڏهن ته واشنگٽن کان مڪمل طور الڳ ٿيڻ کان پاسو ڪندي. پاڪستان لاءِ، ٺاھ اقتصادي ۽ اسٽريٽجڪ فائدا پيش ڪري ٿو. سعودي عرب اسلام آباد کي مالي مدد فراهم ڪئي آهي، جنهن ۾ پرڏيهي مٽا سٽا جي ذخيرن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ 3 بلين ڊالر جو قرض به شامل آهي ۽ ھي دفاعي ٺاھ وڌيڪ گهري سيڙپڪاري جي لاڳاپن لاءِ راهه هموار ڪري سگهي ٿو. پر پاڪستان ۽ سعودي عرب لاءِ ھن ٺاھ جا امڪاني خطرا به موجود آهن. ھي ٺاھ پاڪستان کي سعودي عرب جي علائقائي دشمنين، خاص طور تي ايران سان، ۾ ڦاسائي سگهي ٿو، يا ڏکڻ ايشيا جي غير مستحڪم حالتن ۾ رياض کي به گھلي سگهي ٿو. پاڪستان جو 2015ع ۾ يمن ۾ سعودي قيادت ۾ مداخلت ۾ شامل نه ٿيڻ اهو ظاهر ڪري ٿو ته تاريخي طور تي عملي غير جانبداري انڌي وفاداري کان وڌيڪ ترجيح رهي آهي. وڌيڪ، ھن ٺاھ جا ابھام غلط اندازن جي لاءِ گنجائش ڇڏين ٿا. جيڪڏهن سعودي عرب ۽ ايران، يا پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ بحران پئدا ٿئي ٿو، ته ٻئي ڌريون پنهنجو رد عمل قومي مفاد جي بنياد تي مرتب ڪنديون، نه ڪي ٺاھ جي ذميوارين جي بنياد تي. ان جي باوجود، سعودي-پاڪستان محور جو صرف تصور مخالفين جي حساب ڪتاب کي تبديل ڪري سگهي ٿو، ممڪنه طور تي جارحيت کي روڪي سگهي ٿو پر هڪ اهڙي خطي ۾ تڪرار وڌائي سگهي ٿو جيڪو اڳ ۾ ئي پيچيدہ آهي.
جيئن جيئن وقت گذرندو ويندو ھي ٺاھ تيزي سان تبديل ٿيندڙ وچ اوڀر جي لاءِ هڪ ثبوت طور اڀري ايندو جتي روايتي اتحادن جو ٻيهر جائزو ورتو پيو وڃي ۽ نئين طاقت جا مرڪز بڻجي رهيا آهن. اهو نار وارين رياستن ۾ وڌندڙ ان اتفاق راءِ جي عڪاسي ڪري ٿو ته اهي پنهنجي سلامتي لاءِ مڪمل طور مغربي ضمانتن تي ڀروسو نٿا ڪري سگهن، خاص طور تي جڏهن آمريڪي ترجيحات بدلجي رهيون آهن ۽ اسرائيلي فوجي ڪاررواين ۾ شدت آھي رھي آھي. سعودي عرب لاءِ، پاڪستان سان ٺاھ هڪ انشورنس پاليسي ۽ آزادي جو اظهار آهي جنھن سان پاڪستان عالمي منظر نامي ۾ هڪ علائقائي سلامتي جي رانديگر طور اڀريو آهي. پر ان جي سڀني علامتي وزن جي باوجود، ھي ٺاھ فوري فوجي تبديلين کي شروع ڪرڻ جو امڪان نٿو رکي. ان جي بدران، اهو وچ اوڀر ۾ multipolar يعني گهڻ قطبيت جي طرف وڌندڙ آھستي ئي سھي پر اڻٽر رجحان کي واضح ڪري ٿو، جنهن جا عالمي اثر ايندڙ سالن ۾ ظاهر ٿيندا.