لاهور(معظم فخر)آمريڪا وٽ هٿيارن جو ذخيرو ٿيڻ ختم ٿيڻ لڳو آهي،جڏهن ته عرب ملڪن ۾ ميزائل سسٽم جي انٽرسيپٽر نظام به اسرائيل منتقل ڪرڻ شروع ڪيو ويو آهي،آمريڪا جي بقول هن وقت اسرائيل کي تحفظ جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي،آمريڪا ايترا هٿيار ۽ بارود استعمال ڪرڻ باوجود ايران کان گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي،اهو به اعتراف ڪيو ويو آهي ته ايران کان اسرائيل تي جيڪي ميزائل فائر ٿي رهيا آهن اهي تل ابيب ۽ ٻين اسرائيلي شهرن ۾ قيامت بڻجي ڪري رهيا آهن انهن ميزائلن اسرائيل ۾ وڏي تباهي پکيڙي آهي،رپورٽون آهن ته آمريڪا هڪ ٻئي وڏي جنگي ٻيڙي يو ايس ايس جارج بش نار ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي،اسرائيل جي تحفظ لاءِ موڪليل هڪ ٻيو سامونڊي جنگي ٻيڙو جيرالڊ فورڊ به نار ڏانهن موڪليو ويو آهي،ايران آمريڪا جي وڏي جنگي ٻيڙي ابراهم لنڪن جو ڪنٽرول ٽاور اڳ ئي تباهه ڪري ڇڏيو آهي