شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي ورسي، بلاول پاران ڀيٽا پيش

ڪراچي(رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي 29هين ورسي تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته 29سال /اڳ غير جمهوري قوتن هڪ ڀٽو کي نشانو بڻائڻ لاءِ ٻئي ڀٽو جو رت وهائي ڇڏيو۔اڄ شهيد مير مرتضى ڀٽو جي 29هين ورسيءَ تي اسين سندن جمهوريت پسندي، عوامي حقن جي جدوجهد ۽ قرباني کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا،سندس خواب “پاڪستان کي جمهوريت، ترقي ۽ برابري جو گهوارو بڻائڻ” ئي اسان جو عزم آهي۔ هوڏانهن  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 29هين ورسي جي موقعي تي جاري بيان ۾ سندن قربانين ۽ ڀٽو خاندان جي جدوجهد کي ڀرپور خراجِ عقيدت پيش ڪيو، هن مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل کي پاڪستان ۾ جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ جي هڪ سازش قرار ڏيندي چيو ته وقت گذرڻ سان اها سازش سڀني آڏو ظاهر ٿي چڪي آهي، آمر قوتن هميشه پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت کي نشانو بڻايو آهي، سيد مراد علي شاهه چيو ته ڀٽو خاندان جون عظيم قربانيون قوم جي تاريخ جو سونهري باب آهن، شهيد ڀٽو ۽ سندس خاندان جون قربانيون اسان جي تاريخ جو روشن حصو آهن ۽ ڀٽو خاندان هميشه عوام جي حقن لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون آهن.

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ورسي تقريب ٻوڏ سبب نه ٿي:جونيئر ذوالفقار

ڪراچي (ع آ ن) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندن ساٿين يار محمد بلوچ، عاشق جتوئي، وجاهت جوکيو، ستار راڄپر، سجاد گکهرُو ۽  رحيم بروهي جي ورسي گذريل ڏينهن ملهائي وئي پر روايتي تقريب بدران ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد ورهائي وئي. ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر فاطما ڀٽو سان گڏجي وڊيو بيان جاري ڪيو جنهن ۾ هن ٻڌايو ته ملڪ ۾ مهانگائي، ناانصافي ۽ سياسي ڪرپشن سبب عوام ڏکين حالتن ۾ آهي، اهڙي وقت ۾ فلسطيني عوام به وڌيڪ اذيتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جن لاءِ عالمي سطح تي دعائن جي اپيل ڪئي وئي. هن چيو ته امدادي سامان ڪراچي رليف ٽرسٽ ۽ ٻلهڻ بچايو تنظيم وسيلي ورهايو ويو، جڏهن ته ساٿين حيدرآباد ۾ مير بابا جي نالي سان وڻڪاري مهم شروع ڪئي. خاندان عوام کان اپيل ڪئي ته شهيدن لاءِ فاتحا پڙهڻ سان گڏ وڻ پوکڻ ۾ به حصو وٺن.

شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي ورسي جون ڌار ڌار تقريبون

نئون ديرو(رپورٽ: محمد علي جروار) قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي پڳدار پٽ شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي 29 هين ورسي نئون ديرو هائوس ۽ ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ ڌار ڌار ملهائي وئي. پيپلز پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي پاران نئون ديرو هائوس ۾ قرآن خواني ڪئي وئي جنهن ۾ ايم پي اي جميل سومرو، عبدالفتاح ڀٽو، نثار مراد ڀٽو، منصور سومرو،  محمد انور ٻرڙو، عبدالخالق ڀٽو، سرفراز ميراڻي، توفيق ڀٽو سميت ليذيز ونگ، يوٿ، سپاف سميت پارٽي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪارڪنن جي قافلي ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو، قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري خراج عقيدت پيش ڪيو. هوڏانهن پ پ شهيد ڀٽو طرفان ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ مزار اندر قرآن خواني ڪئي وئي جنهن ۾ وريام چنو، زبير جتوئي، غلام رسول عمراڻي، مجيد سيال، غلام نبي ڪولاچي، شاهد ميان ڀٽو، ديدار ٻگهيو ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ شريڪ ٿيا جتي پارٽي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو طرفان پارٽي وريام چنو ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن خصوصي طور تي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي فاتحه خواني ڪري شهيد قائد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. جتي ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ ساٿين جي شهادت کي 29 سال گذري ويا آهن پر هن وقت تائين انصاف ناهي مليو، پارٽي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو جي هدايتن تي اسان جونيئر ذوالفقار ڀٽو ۽ بيبي فاطمه ڀٽو سان انهن جي سياسي جدوجهد ۾ گڏ هونداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.