مڊل ڪلاس رڳو اٿي بيهي ته سنڌ جي قسمت بدلجي وڃي: ساڃاهه وند

حيدرآباد(رپورٽر+پ ر)سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن حيدرآباد شاخ پاران سگا جي باني سماج سڌارڪ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ سان سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار  اداري حيدرآباد ۾ رھاڻ ملهائي وئي، پروفيسر خالد حسين چنا وائيس چيئرپرمن، علي حسين بروھي سيڪريٽري جنرل ، بخش علي لاکو پروفيسر سريش واڌواڻي صدر، شھاب شاھاڻي سيڪريٽري ثقافت ،  ميمبر مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبرن سائين پيرل خان کوسو ، فيروز محمود وساڻ ، محمد اعظم ميمڻ ، فقير محمد زمان دايو، تاج محمد وساڻ ۽ سگا جي مختلف شاخن جي ساٿين اديبن سماجي اڳواڻن ۽ نوجوانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ کي مختلف شخصيتن تحفا  پيش ڪيا ۽ کيس پٽڪو پارايو ويو .جامي چانڊيو پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ڊاڪٽر صاحب سان تعلق 1993-94 کان آھي جيڪي ماڻهو سنڌ جا خادم آھن انھن مان ڊاڪٽر به ھڪ آهي،سگا ڪجهھ نه ڪري رڳو سنڌ جي ادارن جي  مالڪي ڪري ته سنڌ ٻي ھوندي،هن چيو ته  سنڌ جو مڊل ڪلاس رڳو اٿي بيهي ته سنڌ جي قسمت بدلجي وڃي. اھو ڪم سگا  ڪري ته سنڌ ۾ انقلاب اچي ويندو،ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ چيو ته اسان کي نئين راه جي تلاش آهي. تعليم جي ڪوالٽي ڇڏي ڏني. رڳو ماڻهو پيدا ڪيا. پر ليڊر شپ پيدا نه ٿي. ڳالھ اھا آھي ته اسان ڪيترا ڪامياب ٿيا آهيون. ڪھڙيون اوڻايون آهن. ان جو جائزو وٺجي.سگا ادارو ھلائڻ لاءِ جمھوري ۽ آئيني انداز اختيار ڪيو. سنڌ لاءِ ڇا ڪجي، سماج جي ترقي تي تمام گهٽ ڪم ٿيو.ھندو ڀائر ان معاملي م مستحڪم ھئا.اسان کي به گهرجي ته  تعليم ۽ محنت تي ڪم ڪريون،رفيق احمد جعفري خطاب ڪندي چيو ته شيخ صاحب اتساھيندڙ شخصيت آهي. نوجوان سگا ۾ اچن.  جيڪي ڪم ڪرڻ چاھين ٿا اھي اڳتي اچن   جيڪڏهن ڪا برانچ نٿي ڪري ته مرڪز ان جي ميمبرشپ ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.