لنڊن(عوامي آواز نيوز)ناليواري دفاعي تجزئي نگار عائشه صديقه پنهنجي تازي تجزيي ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ طي پائيندڙ نئين دفاعي معاهدي جي حوالي سان اهم نقطا پيش ڪيا آهن، هن موجب بظاهر هن معاهدي ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي، ڇاڪاڻته پاڪستان 1980 جي ڏهاڪي کان ئي سعودي عرب کي ڊويزن جي سطح تي فوجي سيڪيورٽي مهيا ڪندو اچي رهيو آهي، البت هن ڀيري "اسٽريٽجڪ” جي اصطلاح جو استعمال هڪ نئون پهلو آهي جيڪو بظاهر جوهري تحفظ سان جڙيل آهي، ۽ اها اها خواهش آهي جيڪا رياض ڊگهي عرصي کان اسلام آباد کان رکندو اچي رهيو آهي،عائشه صديقه موجب تازو پاڪ سعودي دفاعي معاهدو وچ اوڀرٰ جي وسيع تر نظام يا اسرائيل سان لاڳاپيل ناهي پر ان جو مقصد ايران جي مقابلي ۾ سعودي عرب جي صلاحيت وڌائڻ آهي۔ هن پس منظر ۾ معاهدي کي انهن تازن واقعن جي سلسلي ۾ ڏسڻ گهرجي جن ۾ اسرائيلي ۽ آمريڪي حملا شامل آهن، جن جو مقصد ايران جي جوهري صلاحيت کي ختم ڪرڻ هو۔ انهن حملن کان پوءِ ايران جي صلاحيت وڌيڪ شفاف ٿي وئي جنهن سان سعودي عرب تي دٻاءُ وڌو ته هو پنهنجي سلامتي لاءِ جوهري سطح جي صلاحيت حاصل ڪري يا گهٽ ۾ گهٽ ايران جي برابر ٿي وڃي۔ هنن ان حقيقت ڏانهن به اشارو ڪيو ته سعودي عرب کي اسرائيل کان حقيقي طور تي ڪو خطرو لاحق ناهي۔ جيتوڻيڪ مڪي ۽ مديني جي مسجدن ۾ هر جمعي جي خطبي ۾ فلسطين جو ذڪر ڪيو ويندو آهي پر رياض ڪڏهن به اهڙو قدم نه کنيو جنهن سان تيل ابيب کي منفي ردعمل ڏيڻو پوي۔ قطر جي ابتڙ سعودي عرب ڪڏهن به حماس يا حزب الله جهڙين تنظيمن سان ڳالهه ٻولهه نه ڪئي، البت قطر تي اسرائيلي حملي کي جوهري تحفظ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ جواز طور استعمال ڪيو ويو۔ عائشه صديقه هن پهلو تي به سوال اٿاريو ته ڇا پاڪستان پنهنجي محدود اسٽريٽجڪ فورس جو ڪو حصو سعودي عرب ۾ مقرر ڪندو يا جيئن آمريڪي ماهرِ سياستيات بروس رائيڊل 2011 ۾ چيو هو، پاڪستان رياض کي بيلسٽڪ ميزائلن بدران فضائي طور تي داغي ويندڙ ڪروز ميزائل مهيا ڪندو ته جيئن تيل ابيب کي تشويش نه ٿئي۔ اهڙي صورت ۾ جوهري هٿيار يا وار هيڊز سعودي فضائيه جي آمريڪي ساخته جهازن تي نصب ڪيا ويندا۔ هنن موجب هي معاهدو واشنگٽن کي نظرانداز ڪرڻ يا آمريڪا کان پري ٿيڻ جو اعلان ناهي پر غالب امڪان آهي ته هي معاهدو آمريڪي مشاورت کان پوءِ طي پاتو ويو، جنهن ۾ پاڪستان کي هن سطح جي ٽيڪنالاجي جي اجازت ڏني وئي۔ عائشہ صديقه جي لفظن ۾ اها هڪ قسم جي "ڪوشير proliferation” چئي سگهجي ٿي۔ ممڪن آهي ته هي معاهدو واشنگٽن جي ان پاليسي جو حصو هجي جنهن تحت سعودي عرب جي سلامتي کي پاڪستان حوالي ڪيو پيو وڃي،