رياض (م ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير سعودي بچاءَ واري وزير خالد بن سلمان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڌرين گذريل سال طئي ٿيل دفاعي معاهدي تحت ايراني حملن کي روڪڻ لاءِ گڏيل اپائن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، ٻنهي اڳواڻن سعودي عرب تي ايراني ڊرون ۽ ميزائل حملن سبب پيدا ٿيندڙ سڪيورٽي صورتحال جي ڳنڀيرتا ۽ اسٽريٽجڪ گڏيل دفاعي معاهدي جي فريم ورڪ اندر انهن کي روڪڻ لاءِ گڏيل اپائن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته بنا سبب جارحيت علائقائي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ ڪوششن کي نقصان پهچائي ٿي ۽ تڪرار جي پرامن حل لاءِ آپشنن کي روڪي ٿي. آءِ ايس پي آر موجب، ڌرين اميد ۽ خواهش ظاهر ڪئي ته ڀائر ملڪ ايران ڪنهن غلط اندازي کان بچڻ لاءِ سمجهداري جو مظاهرو ڪندو ۽ بحران جي پرامن حل جي خواهشمند دوست ملڪن جا هٿ مضبوط ڪندو. ملاقات کانپوءِ سعودي عرب جي بچاءَ واري وزير خالد بن سلمان ايران تي زور ڏنو ته هو سمجهداري کان ڪم وٺندو ۽ ڪنهن غلط اندازي کان پاسو ڪندو. خالد بن سلمان ايڪس تي لکيو ته اسان سعودي عرب تي ايران جي حملن ۽ انهن کي روڪڻ لاءِ ضروري اپائن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اسان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهڙا اپاءَ خطي جي سلامتي ۽ استحڪام کي نقصان پهچائين ٿا ۽ اسان کي اميد آهي ته ايراني ڌر دانشمندي کان ڪم وٺندي ۽ ڪنهن غلط اندازي کان پاسو ڪندي. ملاقات ۾ مملڪت تي ايراني حملن ۽ انهن کي روڪڻ لاءِ گڏيل اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي تحت گهربل اپائن تي ڳالهيون ڪيون ويون.