جنگ هڪ اھڙي صورتحال آهي جنھن ۾ ملڪن، قومن يا ماڻهن جي گروهن جي وچ ۾ مختلف سببن جي ڪري ويڙهه ٿئي ٿي. جنگ ۾ هڪ قوم ٻئي قوم جي علائقن، ملڪ، اثاثن، ثقافت، ٻولي وغيرھ تي قبضا ڪرڻ چاھي ٿي. تنھنڪري جنگ نفرتن ۽ معاشي بدحالي وغيرھ کي پيدا ڪرڻ سان گڏ قبضاگيري، بدماشي جو سبب بھ رھي آھي. مختلف دورن ۾ مختلف قسم جون جنگيون مختلف سببن ڪري لڳنديون رھيون آھن مثال طور، مذھب ۽ قومي تشخص تي نالي تي جنگيون ٿيون آھن يا ملڪن يا علائقن تي قبضن ڪرڻ جي ڪري جنگيون ٿيون آھي يا وري پنھنجي قومي حڪومت وڌائڻ ۽ پنھنجي ثقافت وغيرھ کي ٻين قومن تي لاڳو ڪرڻ خاطر بھ جنگيون ٿينديون رھيون آھن. پر جنگ جڏھن بھ لڳي آھي ان تباھي ئي آندي آھي ۽ سماجن ۽ قومن جي وچ ۾ نفرتون ئي پيدا ڪيون آھن.
جيئن جيئن دنيا ترقي ڪندي رھي آھي، تيئن تيئن جنگين جي طريقن ۾ بھ تبديلي ايندي رھي آھي. مثال طور ھٿيارن ذريعي جنگ، معاشياتي اوزارن جي ذريعي جنگ، ميڊيا جي ذريعي جنگ، علم ۽ تحقيق جي ذريعي جنگ، ٽيڪنالاجي جي جنگ، ۽ ھينئر وري ڊيٽا تي ھٿراڌو ڏاھپ جي اوزارن جي ذريعي جنگ. ٽيڪنالاجي ھر دور ۾ جنگين جي تصور ۽ طريقن ۾ نواڻ ۽ تبديلي آندي آھي. چوٿين صنعتي انقلاب ٽيڪنالاجي ۽ خاص ڪري انفرميشن ٽيڪنالاجي کي وڌيڪ ترقي ڏياري آھي ۽ دنيا کي عالمگير سماج ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي. تنھنڪري ھڪ نئين سرد جنگ جي شروعات ٿي چڪي آھي جنھنکي ڊجيٽل جنگ چون ٿا. ھي جنگ ڊيٽا ۽ انفرميشن تائين پھچ ۽ ان کي پنھنجي مفادن خاطر استعمال ڪرڻ جي جنگ آھي، جيڪا لاجسٽڪ کان وٺي ڪمانڊ، ڪنٽرول، مواصلات، ڪمپيوٽر، ھٿراڌو ڏاھپ ۽ مينيجمينٽ تائين جي جنگ آھي.
ڊيٽا وار يا ڊيٽا تي جنگ ھڪ سافٽ جنگ جو تصور آھي، جنھن ۾ ڊيٽا جي چوري، ڊيٽا ۾ ھير ڦير، ڊيٽا جا مختلف حصا ڳولھڻ، ڊيٽا جو تجزيو ڪري ڊيٽا کي مختلف قسم جي واپار يا بزنس يا وري ڪن خاص مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ آھي. جنھن سبب ماڻھن جي ذھني بناوٽ، فطرت، اٿڻي ويھڻي، ريتن رسمن، خاندانن، دوستن، نوڪرين، ڌنڌن، گذريل زندگي، مستقبل جي منصوبا بندي ۽ جڳھه يا لوڪيشن وغيرھ جي خبر چار حاصل ڪئي وڃي ٿي. اھڙي طرح ديسي، عالمي يا واپاري ادارا، فرد يا مخالف ادارن جي مڪمل چرپر تي نظر رکڻ سان گڏوگڏ اِھو بھ ڄاڻي وٺن ٿا تھ ماڻھو يا ادارا ڪھڙا ڪم ۽ ڪنھن لاءِ ڪم ڪن ٿا ۽ ھنن جي جستجو جو ڪارڻ ڪھڙو آھي؟ جيتوڻيڪ واپاري ادارا يا ڪمپنيون اھا ڊيٽا پنھنجي واپار، وکر ٺاھڻ ۽ مشھوري يا اشتھار وغيرھ لاءِ استعمال ڪن ٿا، پر اھي ادارا اھا ڊيٽا مختلف ادارن کي وڪڻن پڻ ٿا. ان کانسواءِ مختلف ادارا، ملڪ ۽ گروھ وغيرھ ان قسم جي ڊيٽا حاصل ڪري ڪن خاص مفادن لاءِ پڻ استعمال ڪن ٿا. اھا ڊيٽا صحي ڪمن لاءِ بھ استعمال ٿئي ٿي تھ غلط ڪمن لاءِ پڻ استعمال ٿئي ٿي. اھا ڊيٽا ڊارڪ ويب ذريعي غلط ڪمن يا مختلف قسم جي ڏوھ ڪرڻ لاءِ پڻ استعمال ڪئي وڃي پئي.
ڊجيٽل جنگ ۾ انفرميشن يا ڊيٽا تي حملن جو خطرو وڌيڪ ھوندو آھي، اھڙي طرح ڊيٽا کي مختلف ڊجيٽل اوزارن ذريعي چوري ڪري ان کي مختلف مقصدن لاءِ استمال ڪيو وڃي ٿو يا تجزيو ڪري مختلف نتيجا حاصل ڪيا وڃن ٿا. جڏھن تھ ان ڊيٽا جي بنياد تي سائبر حملا پڻ ڪيا وڃن ٿا، جنھن ذريعي مختلف بينڪن، مالي ادارن، رياستي ۽ حڪومتي ادارن، تعليمي ادارن، صحت جي ادارن، ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول وارن ادارن، خفيھ ادارن، ڪمپيوٽر پروگرامرن، سائنسدانن، ڊاڪٽرن، دوائون ٺاھيندڙ ڪمپنين وغيرھ تي حملا ڪيا وڃن ٿا، جيڪي ھڪ فرد کان وٺي ادارن تائين ۽ عام ادارن کان وٺي مالي، رياستي ۽ حڪومتي ادارن کي وڏو نقصان ڏين ٿا. ڊيٽا تي جنگ جو ميدان پوري دنيا آھي. تنھنڪري ڪو بھ فرد، ادارو، ڪمپني ۽ ملڪ ھر وقت حالتِ جنگ ۾ رھي ٿو. ھي جنگ عام ماڻھو جي جنگ نھ آھي پر ملڪن، رياستي ادارن ۽ مختلف ڪمپنين جي وچ ۾ جنگ آھي. ھن جنگ ۾ روايتي اثاثا گھربل ناھن ھوندا پر صرف ڊيٽا ئي گھربل ھوندي آھي. تنھنڪري ھي جنگ صرف ۽ صرف ڊيٽا تي آھي. ملڪ ۽ ان جا حساس ادار ھي جنگ پنھنجي ملڪ کي بچائڻ، انکي طاقتور بڻائڻ لاءِ ڪن ٿا. اھڙي طرح ھٿ ڪيل ڊيٽا کي ٻين ملڪن جي عوام، ڪمپنين ۽ ادارن جي خلاف استعمال ڪن ٿا ۽ ان ڄاڻ يا ڊيٽا کي مختلف وقتن تي استعمال ڪري سفارتي يا ٻيا مفاد پورا پڻ ڪيا وڃن ٿا. جڏھن تھ ڪمپنيون ھي جنگ پنھنجي جياپي، بزنس يا واپار جي واڌاري ۽ ھڪ ھٽي قائم ڪرڻ لاءِ ڪن ٿيون. اھي ڪمپنيون ڪنھن ھڪ ملڪ جون بھ ٿي سگھن ٿيون تھ مخلتف ملڪن جون بھ.. ڊيٽا ۽ ان جي سڪيورٽي جي بنياد تي ڪمپنيون ھڪ ٻئي خلاف پروپئگنڊا ڪن ٿيون، جنھن ذريعي ھو ھڪ ٻئي جي ڪمزوري کي ظاھر ڪن ٿيون. مثال طور، ڪجهه وقت اڳ واٽس ايپ جي پاليسين تي تمام گھڻي تنقيد ڪئي وئي ھئي، جنھن سبب واٽس ايپ ڪمپني مئي 2021ع تائين پنھنجي پاليسين کي لاڳو ڪرڻ واري عمل کي روڪي ڇڏيو ھو. ان پروپئگنڊا ۾ سڀ کان وڏو ھٿ واٽس ايپ ڪمپني جي مخالف ڪمپني يا ڪمپنين جو ھو، جن پوري دنيا ۾ واٽس ايپ جي خلاف ماحول تيار ڪيو ۽ ماڻھو واٽس ايپ کي ڇڏڻ لڳا ھئا، جنھن سان واٽس ايپ کي تمام گھڻو مالي نقصان پھتو. جڏھن تھ ملڪ وري ٻئي ملڪن ۽ انھن جي ڪمپنين جي ڊيٽا حاصل ڪري، ان ڊيٽا جو مختلف رخن کان تجزيو ڪري ۽ ان ڊيٽا ۽ تجزيي جي بنياد تي مختلف قسم جا اوزار ٺاھڻ، مخالف ملڪ کي معاشي ۽ سماجي نقصان ڏيڻ، ۽ مخالف ملڪ خلاف پروپئگنڊا ڪري پوري دنيا ۾ بدنام ڪري پنھنجا سفارتي، سماجي، معاشي ۽ سياسي فائدا حاصل ڪن ٿا.
موجودھ دور ۾ ڪنھن بھ فرد يا ڪمپني يا ملڪ جي ڊيٽا پوري دنيا لاءِ وڏو ۽ مھانگو اثاثو آھي. فرد پنھنجي ڊيٽا ۽ انفرميشن مختلف طريقن سان مختلف ڪمپنين، ادارن، ملڪن وغيرھ کي ڏئي رھيا آھن. جنھنجو ھڪ سبب ھي بھ آھي تھ فردن جي اڪثريت کي پنھنجي ڊيٽا ۽ انفرميشن جي اھميت جي خبر ئي نھ آھي. مختلف ماڻھو ننڍي سطح کان وڏي سطح تائين پنھنجي ڊيٽا کي مختلف جڳھن تي مختلف فردن، دڪانن، ڪمپنين، ادارن وغيرھ سان ونڊين ٿا. ماڻھو جڏھن ڪنھن دڪان يا شاپنگ مال ۾ خريداري جي مقصد لاءِ وڃي ٿو تھ ھو ڪو بھ وکر خريد ڪرڻ کان پوءِ اتي پنھنجي انفرميشن ڏئي اچي ٿو. دڪان جو سيلزمين پنھنجي گراھڪ کان ان جو نالو، ايڊريس، ڪرت ۽ فون نمبر يا ايميل وٺي ٿو. اھڙي طرح جڏھن ماڻھو آنلائين خريداري ڪن ٿا يا ڪا آنلائين مشھوري ڏسن ٿا تھ اتي بھ پنھنجي تفصيل ڏين ٿا. اي ميل ٺاھڻ يا ڪو بھ آنلائين اڪائونٽ ٺاھڻ وقت بھ گھربل ڊيٽا ڏين ٿا. سوشل ميڊيا خاص ڪري فيسبڪ تي مختلف اسڪيمن ذريعي پنھنجي ڊيٽا ڏين ٿا. مثال طور، فيسبڪ تھ مشھوري ايندي آھي تھ اوھان پنجاھ سالن کان پوءِ ڪيئن نظر ايندا، اوھان جي فطرت ڪھڙي آھي وغيرھ وغيرھ. اھا ڊيٽا مختلف مقصدن لاءِ استعمال ٿي سگھي ٿي. اھڙي طرح لنڪڊان، ٽوئيٽر ۽ مختلف سماجي ميڊيا جي اوزارن جي ذريعي فرد پنھنجي ڊيٽا ڏين ٿا. اھي ادارا، ڪمپنيون فردن کان ڊيٽا وٺڻ کان اڳ ۾ انھن جي اجازت وٺن ٿا ۽ ماڻھو خوشيءَ سان انھن کي اجازت بھ ڏين ٿا. دڪاندار کان وٺي ڪمپني ۽ ادارن تائين اھا ڊيٽا مٽا سٽا ٿئي ٿي ۽ کپجي بھ ٿي. کپائيندڙ ان ڊيٽا جا ججھا پئسا وٺن ٿا. اھڙي طرح اھا ڊيٽا مشين لرننگ يا ھٿراڌو ڏاھپ جي مختلف اوزارن ذريعي پروسس ڪئي وڃي ٿي ۽ مختلف مقصدن لاءَ استعمال ٿئي ٿي. ھن وقت ماڻھن کي ان جي نقصانن جي خبر ڪون پوي ھٿي پر مستقبل ۾ اھا ڊيٽا انھن کي وڌيڪ نقصان ڏيندي.
اڳ ۾ ملڪن يا رياستن جا شھنشاھ يا بادشاھ ٿيندا ھئا پر ڊجيٽل دور عالمگيرت جو تصور ڏنو آھي جنھن ۾ ڪنھن بھ ملڪ جي ڪا حد يا سرحد مقرر نھ ٿيل آھي، جنھن ڪري ھاڻي شھنشاھيت جو تصور ڪنھن ھڪ ملڪ لاءِ نھ پر سڄي دنيا لاءِ آھي. ھن شھنشاھيت کي اليڪٽرانڪ يا ورچوئل شھنشاھيت چئي سگھجي ٿو. سرمائيدار طبقو يا انھن جون ڪمپنيون عالمگير شھنشاھ ٿيڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڊيٽا پاڻ وٽ رکڻ چاھين ٿا. ان لاءِ ھو ميڊيا جا مختلف ذريعا استعمال ڪن ٿا. تنھنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آھي تھ اسان پنھنجي ڊيٽا کي پاڻ محفوظ رکون. سوشل ميڊيا تي پنھنجي ذاتي ڊيٽا نھ رکون ۽ نھ وري پنھنجي لوڪيشن کي ظاھر ڪريون. مختلف قسم جي مشھورين کان پاڻ کي بچائي رکون.