سجاول ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنل گٽڪي جو وڪرو ۽ استعمال وڏي پئماني تي جاري آهي جڏهن ته ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ موتمار گٽڪن ۽ گٽڪا مٽيريل جو ڪاروبار ڪندڙن کي پوليس جي بالا آفيسرن جي خاص ماڻهن جي مدد حاصل هجڻ ڪري ضلعي ۾ هلندڙ گٽڪا مٽيريل ۽ موتمار گٽڪن جو ڪاروبار پوليس لاءِ ڪمائي جو وڏو ذريعو بڻجي ويو آهي، آءِ جي سنڌ پوليس پاران منشيات سميت گٽڪن ۽ گٽڪا مٽيريل سپلائي ڪندڙ ۽ ان جي سرپرستي ڪندڙن خلاف وڏي پئماني تي ڪاروائيون ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ٿيون وڃن پر گٽڪا مٽيريل ۽ گٽڪا فيڪٽري هلائيندڙن جون شاخون پوليس ڊپارٽمينٽ جي بالا آفيسرن سان ڳنڍيل هجڻ ڪري ايس ايس پي به انهن منشيات فروشرن ۽ گٽڪا مٽيريل ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان لاچار ۽ بيوس بڻجي وڃي ٿو.
گذريل ڏينهن ميرپوربٺورو پوليس پاران ٿاڻي تي تحويل ۾ ورتل لکين رپين جي ماليت جي نشي آور پتي سان لوڊ ٿيل شهزور گاڏي کي پنجن ڪلاڪن کان پوءِ ڇڏي ڏنو ويو جنهن بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته نشي آور پتي لائين جي گاڏي هجڻ ڪري مٿان کان بالا آفيسرن جي پريشر اچڻ کانپوءِ مقامي پوليس بيوس بڻجي باحفاظت ڇڏي ڏني ، ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليس پاران تحويل ۾ ورتل نشي آور پتي سان لوڊ ٿيل شهزور گاڏي انهن ڊيلرن جي هئي جيڪي ايس ايس پي کان مٿين ليول جي پوليس جي بالا آفيسرن کي لکين رپين تائين هفتو پهچائي ضلعي سجاول جي مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾ بغير ڪنهن پوليس جي خوف کان سرعام مين روڊن تان گٽڪا مٽيريل سپلائي ڪن ٿا، پوليس پاران تحويل ۾ ورتل لکين رپين جي نشي آور پتي سان لوڊ ٿيل شهزور گاڏي ۽ حراست ۾ ورتل ٻن ڄڻن کي مٿان کان آفيسرن جي چوڻ تي مقامي پوليس پاران ڇڏيو ويو جنهن تي پوليس جي اهڙي عمل تي شهرين پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ويو ته پوليس هڪ طرف منشيات ۽ نشي آور سامان خلاف ڪارروائين جي دعوي ڪري ٿي ته ٻئي طرف سرعام مين روڊ تان لکين رپين جي ماليت جي هٿ ڪيل نشي آور پتي کي قانوني ڄاڻائي ان کي باحفاظت ڇڏي ڏنو جيڪو انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي جنهن جو آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ کي فوري طور نوٽيس وٺڻ گهرجي.
ٻئي طرف ذريعن وٽان وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ته شهزور گاڏي دڙي شهر طرف ڏيڍ سئو ڪٽا نشي آور پتي جا کڻي وڃي رهي هئي جيڪا پتي گٽڪن ۾ استعمال ڪئي ويندي آهي ڪجهه اهم ذريعن جو چوڻ آهي گٽڪا مٽيريل کڻي ايندڙ ڄاڻايل گاڏي کي پوليس جي ٻالا آفيسرن جي اجازت مليل هئي جنهن ڪري مقامي پوليس پڻ گاڏي تحويل ۾ وٺڻ کانپوءِ پريشان بڻجي وئي، هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته پوليس پاران نشي آور پتي سميت هٿ ڪيل شهزور گاڏي ۾ ڏيڍ سئو راجا جاني پتي جا ڪٽا موجود هئا جڏهن ته هڪ ڪٽي ۾ لڳ ڀڳ 48 ڊزن پڪيٽ اچن ٿا جنهن ڪري پوليس پاران هٿ ڪيل پتي جي ماليت 80 لکن کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي، آءِ جي سنڌ پوليس کي قانون سڀني لاءِ برابر رکڻ گهرجي جيڪڏهن وڏي مقدار ۾ هٿ ڪيل پتي قانوني آهي ته پوءِ اها پتي علائقي جي ڪهڙي واپاري وٽ لٿي هوندي ان جي نشاندهي ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي ڪنهن جي چوڻ تي ڇڏيو ويو ان معاملي جي به جاچ ڪرائي وڃي جيڪڏهن آءِ جي صاحب خود به هن معاملي ۾ بيوس آهي ته پوءِ منشيات خلاف ٿيندڙ اهڙين فارملٽي ڪارروائين کي روڪي سمورن گٽڪا فروشرن ۽ گٽڪا مٽيريل هلائيندڙ کي قانوني پتي هلائڻ جي اجازت ڏني وڃي؟